شهزاد چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج جاري

ڪراچي(رپورٽر)ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ بي گناه قتل ڪيل نوجوان شهزاد چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ سماجي تنطيمن  پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو،جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو،جاويد چانڊيو،احمد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي پوليس پورهيت نوجوان شهزاد چانڊيو کي بي گناهه قتل ڪيو ويو،شهزاد جي قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن خلاف هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي سگهي،جڏهن ته ايس پي لانڍي شاهنواز چاچڙ خاطرائي ڪرائي هئي ته انڪوائري ڪري ملوث پوليس اهلڪارن کي سزا ڏني ويندي،هنن چيو ته پوليس پنهنجي آفيسرن کي بچائڻ لاءِ سازش پئي ڪري پر اسين اها سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين،هنن چيو ته پوليس وردي ۾ سنڌيت جو خون ڪندڙ ظالمن کي حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.