نوابشاهه ۾ قومي ڪارڪنن تي ڪيس بزدلاڻو عمل آهي: قادر مگسي

حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي نوابشاھ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل  پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪرڻ ، گھرن تي پوليس جي چڙھائين ۽ گرفتارين واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته  پيپلز پارٽي  سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي عوامي رابطا مھم کان خوفزدہ ٿي وئي آھي جنھن جي ڪري پھرين سندن غنڊن ۽ بدمعاشن جي ذريعي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قافلي جي نوابشاھ ۾ رستاروڪ ۽ فائرنگ ڪرائي ۽ ھاڻي وري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، ھي حڪمران سمجھن ٿا انھن سازشن جي ذريعي ڌارين آبادڪاري سميت سنڌ جي زمينن تي والار جي خلاف تحريڪ کي ماٺو ڪري ويندا جيڪا سندن ڀُل آھي، ھي تحريڪ ھاڻي سنڌ جي قومي تحريڪ بنجي چڪي آھي ،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.