مزاحمت، مفاهمت بدران شفاف چونڊون چاهيون ٿا، ميڊيا اٿارٽي کي رد ڪري چڪا آهيون: شهباز شريف

ڪراچي( رپورٽ: الطاف چنو)مسلم ليگ ن جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ  قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو ته موجوده حڪومت چور دروازي کان آئي آهي ھن چيو ته مزاحمت يا مفاھمت نه اسان کي شفاف چونڊون گھرجن، چاھيون ٿا ته 2023 ۾ صاف شفاف اليڪشن ٿئي،شھباز شريف صحافين سان جڏهن سنڌي ۾ مخاطب ٿيو ته ٽھڪڙا مچي ويا،  پ پ پ متعلق پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان پ پ پ ۽ اي اين پي کي گڏ کڻي ھلڻ منهنجي ذميواري آهي، حڪمرانن جو احتساب ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي سليڪٽيڊ وزير اعظم جيڪي واعدا ڪيا ان تي تر جيترو به ڪم ڪانه ڪيو،شھباز شريف چيو ته ملڪي تاريخ ۾ اسٽيبلشمنٽ کان جيتري سپورٽ پي ٽي آءِ کي ملي ايتري ڪنهن ٻئي حڪومت کي ڪانه ملي سگھي پوءِ به نالائق حڪومت فائدو ڪانه وٺي سگھي،ڪراچي سان ماٽيلي ماءُوارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي موقعو مليو ته ڪراچي کي پيرس بڻائينداسين هوڏانهن اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي بي اي، ايمنڊ، پي ايف يو جي، ڪي يو جي عهديدارن جي وفد شهبازشريف سان ملاقات ڪئي، شهبازشريف پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي واري ڪاري قانون متعلق ڳالھائيندي چيو ته مسلم ليگ ن ۽ پي ڊي ايم پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي قانون کي رد ڪري ڇڏيو آهي ھن چيو ته  مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت سان سياسي پارٽين سان ڳالھائيندس ته جيئن پارليامينٽ ۾ هن ڪاري قانون جي مخالفت ڪئي وڃي،ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي خلاف قانون سازي جي حڪومت جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين ھن چيو ته  هي ميڊيا ، آزاد صحافت ۽ جمهوريت ۽ آئيني آزادين لاءِ زندگي ۽ موت جو معاملو آهي پارليامينٽ ۾ ڪابه پارٽي حڪومت کان سواءِ ان ڪاري قانون جي حمايت ڪانه ڪندي، ھن معذرت ڪندي چيو ته ماضي ۾ عمران خان ميڊيا جو دادلو ھيو نواز شريف ۽ مسلم ليگ ن ميڊيا تي پابندين جي مذمت ڪئي آهي، صحافين سان ھر محاذ تي گڏ آھيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.