ٺري ميرواهه ۾ سبق ياد نه ڪرڻ تي مولوي معصوم کٿابي کي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو

ٺري ميرواھ(ن ع آ) ٺري ميرواھ ۾ سبق ياد نه ڪرڻ تي مولوي انسانيت  جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا شاگرد کي زنجيرن سان ٻڌي تشدد شاگرد جي وجھ وٺي فرار ٿيڻ جي ڪوشش  پوليس کيس هٿ ڪري ورتو مولوي گرفتار خبر موجب ٺري ميرواھ شھر ۾ ديني مدرسي انوارالعلوم ۾ ديني تعليم حاصل ڪندڙ 9 ورهين جي شاگرد صفي الله جانوري کي سبق ياد نه ڪرڻ تي مولوي منظور جانوري زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو جڏھن ته فجر جي نماز وقت نينگر صفي الله جانوري وجھ وٺي ٻڌل زنجيرن سميت پنهنجي ڳوٺ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي  جنهن کي مددگار15 جي اهلڪارن رات جو اڪيلو ڏسي نينگر کي  ميرواھ ٿاڻي تي وٺي آيا جتي نينگر صفي الله جانوري صحافين کي ٻڌايو ته ڪالھ سبق ياد نه ڪرڻ تي مولوي منظور عرف مکڻ جانوري کيس زنجير سان ٻڌي تشدد ڪيو جڏھن ته فجر جي نماز وقت سمورا مولوي نماز پڙھڻ،هليا ويا ته پوليس ڄنگھ ۾ زنجير ٻڌل ڏسي ٿاڻي تي وٺي آئي آھي هن مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن ميرواھ پوليس مولوي منظور عرف مکڻ جانوري کي گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.