سنڌ ۾ پاڻي جو بحران برقرار، بئراجن تي 18 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ

سکر (اي پي پي) سنڌ جي آبپاشي کاتي جي ذريعن جو چوڻ آھي ته  صوبي جي آبپاشي نظام ۾ پاڻيءَ جي کوٽ برقرار آھي، ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي جي سکر ۾ قائم ڪنٽرول روم پاڻي وھڪرن جا انگ اکر ڏيندي  دعويٰ ڪئي آھي ته  سنڌ جي بئراجن تي پاڻي کوٽ،18،76 سيڪڙو آھي، ڪنٽرول روم پاران جاري ڪيل تفصيلن مطابق گڊوبئراج وٽ پاڻي کوٽ 34،26 سيڪڙو ۽ سکر بئراج وٽ 27 سيڪڙو کوٽ آھي، ٻڌايو ويو آھي ته  موجودہ وقت ۾ سنڌ جي بئراجن کي هڪ لک ست هزار هڪ سئو ڪيوسڪ پاڻي ملڻ گھرجي پر سنڌ جي بئراجن تائين 87 هزار ڪيوسڪ پاڻي پھچي رھيو آھي،  آبپاشي کاتي جي عملدارن جو چوڻ آھي ته  سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ سبب واهن ۾ وارابندي ڪئي وئي ھئي جيڪا اڃان به جاري آھي، ان سلسلي ۾ اھو به ٻڌايو ويو آھي ته  سارين جي فصل کي بچائڻ لاءِ رائيس ڪئنال ۾ 11 هزار چارسئو ڪيوسڪ پاڻي فراھم ٿيڻ گھرجي پر ان جي ابتڙ رائيس ڪئنال ۾ 9700 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.