خرم شير زمان جي ڪنٽونمينٽ چونڊن دوران فوج مقرري جي درخواست

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر خرم شير زمان اليڪشن ڪميشن کي ڪنٽونمينٽ چونڊن دوران فوج ۽ رينجرز مقرري جي درخواست ڏئي ڇڏي.

خرم شير زمان اليڪشن ڪميشن آفيس پهچي ڪمشنر سان ملاقات ڪئي ۽ ڪنٽونمينٽ چونڊن دوران پولنگ اسٽيشنز ۾ رينجرز ۽ فوج جي مقرري جي درخواست ڏني.

ملاقات ۾ خرم شير زمان مڪاني چونڊن جي تاريخ جو جلد کان جلد اعلان ڪرڻ تي به زور ڏنو.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊن لاءِ رينجرز يا فوج جي مدد يقيني بڻائي، چاهيون ٿا ته چونڊن کي ڌانڌلي سٽيل نه بڻايو وڃي، ماضي جي چونڊن ۾ بااثر اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.