پهريون ڀيرو طالبان اڳواڻ جو لائيو انٽرويو ڪندڙ عورت اينڪر ملڪ ڇڏي ڏنو

 

افغانستان جي مشهور ٽي وي چئنل تي ڪنهن طالبان اڳواڻ جو پهريون ڀيرو لائيو انٽرويو ڪندڙ عورت نيوز اينڪر ملڪ ڇڏي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب افغانستان جي نيوز اينڪر بهشتا ارغند گهرڀاتين سميت ملڪ ڇڏي ڏنو ۽ هوءَ ٻئي ملڪ منتقل ٿي وئي آهي.

بهشتا ارغند ٻڌايو ته هزارين ماڻهن جيان مان به طالبان جي خوف سبب ملڪ ڇڏيو آهي پر هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جو مان پنهنجي ڏيهه ورنديس.

واضح رهي ته بهشتا ارغند ڪابل تي قبضي کانپوءِ طلوع نيوز تي طالبان اڳواڻ مولوي عبدالحق احمد جو انٽرويو وٺي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو هو.

ان انٽرويو کانپوءِ اميد ظاهر ڪئي وئي ته طالبان عورتن کي اسڪرين تي اچڻ ۽ ملازمت ڪرڻ جي آزادي ڏيندا پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ئي صحافي عورتن کي ڪم کان روڪيو ويو.

مولوي عبدالحق حمد کانپوءِ بهشتا ارغند نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي جو به انٽرويو ڪيو هو ۽ چيو پيو وڃي ته ملاله ئي بهشتا کي ملڪ ڇڏڻ ۾ مدد ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.