جبري گمشدگيون: شيرين مزاري اڳوڻين حڪومتن تي ڏمرجي پئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته پاڪستان جبري گمشدگي کي ڏوهه بڻائڻ جي عزم ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي.

گمشدگين بابت عالمي ڏينهن (انٽرنيشنل ڊي آف دي ڊس اپيئرنس) جي موقعي تي ٽوئيٽر بيان ۾ شيرين مزاري چيو ته قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي گذريل هفتي جبري گمشدگي تي هڪ بل منظور ڪيو آهي، سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت بعد بل پارلياماني ڪميٽي مان منظور ٿيو.

هن ٻڌايو ته انساني حقن واري وزارت جي پهرئين اجلاس ۾ انساني حقن بابت ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين شرڪت ڪئي هئي، جيڪو پ پ سان واسطو رکي ٿو، قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کانپوءِ اهو بل قومي اسيمبلي جي ويب سائيٽ تي موجود هو، تنهن ڪري اهو چوڻ ته ڪنهن کي ان جي مواد جو علم ناهي ڇرڪائيندڙ آهي، ايوان توڙي ڪميٽي ۾ ڪنهن ان تي اعتراض نه ڪيو.

سندس چوڻ هو افسوس جي ڳالهه آهي ته گذريل ڪنهن حڪومت جبري گمشدگي جي معاملي تي قدم نه کنيا ۽ وقت ضايع ڪيو، عمران خان ان مسئلي تي بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ تفصيل ورتا، انهن مان ڪجهه واپس اچي چڪا آهن ۽ ڪجهه جو پتو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته گذريل ٻن حڪومتن گم ٿيلن جي وارثن سان ملاقات ته پري جي ڳالهه پر جبري گمشدگي کي قبول ئي نه ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.