ايترو ظلم ڪيو جيترو سَهي سگهو: بلاول جي حڪومت کي وارننگ

 

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هيءَ تحريڪ انصاف جي پهرين ۽ آخري حڪومت آهي، جيالا تيار ٿي وڃن، پنهنجي جدوجهد ڪن.

سکر ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ اڪيلي جماعت آهي، جيڪا هن نااهل حڪومت جو مقابلو ڪري رهي آهي، اسان نه ڪالهه پاڪستان جي عوام کي مصيبت ۾ ننڌڻڪو ڇڏيو هو ۽ نه اڄ ڇڏينداسين.

هن چيو وفاقي حڪومت کي واضح پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته ايترو ظلم ڪيو جيترو سَهي سگهو، نيازي صاحب ٻڌايو ڪيترا ڏينهن جيل ۾ رهي ٿا سگهو؟ تمام جلد جيالن جو دور اچي رهيو آهي، سِرَ جو جواب پٿر سان ڏينداسين، جيالا تيار ٿي وڃن، جدوجهد ڪن.

سندس چوڻ هو ته اسان پاڪستان بچائڻ نڪتا آهيون، عوام جو روزگار بچائڻ نڪتا آهيون، اهي نه پٽواريون ۾ آهن نه مولانا ۾، اهو ئي سبب آهي جو مخالف ڌر اڳواڻ پ پ جو هجي ته جيل ۾ هوندو آهي ۽ جيڪڏهن لاهور جو هجي ته آزاد گهمي ڦري رهيو آهي، پ پ جي جيالن سدائين آمرن ۽ ڊڪٽيٽرن جو مقابلو ڪيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن سکر جو شاهه جيل ۾ آهي ته ان جي عورتن کي به ڪيسن ۾ گِهليو پيو وڃي، اسان ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا ته جيڪڏهن اسان جي گهر جون عورتون آهن ته توهان جي گهر جون به عورتون آهن پر اسان عورتن جو احترام ڪيون ٿا.

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي ڪا تڪليف آهي ته اها پ پ جي مراد علي شاهه کان آهي، جنهن تي اهي سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن جا الزام هڻي رهيا آهن پر هن حڪومت سامهون سڀ کان وڏي رنڊڪ ته پ پ ۽ سنڌ جو وڏو وزير آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.