وڌيڪ مهانگائي نه ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم جون لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ استحڪام يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڪري ڇڏيون.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ عام واهپي جي شين جي گهرج، پهچ ۽ اگهن جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، اسر عمر، خسرو مختيار، فخر امام، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگارن شهباز گل، ڊاڪٽر ثانيا نشتر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وزيراعظم کي عام واهپي جي شين جي اگهن، کنڊ ۽ ڪڻڪ جي موجوده اسٽاڪ ۽ اڳتي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي حوالي سان قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو جو تحفظ موجوده حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿيڻ سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو، تنهن ڪري اگهن ۾ استحڪام لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.