ٺٽي ويجهو 4 دڪانن کي باهه، سامان سڙي ويو

ٺٽو(ڊ ر) ٺٽي لڳ 4 دڪانن کي باھ، الھ تلھ سڙي رک، لکين رپين جو نقصان. ٺٽي ڀرسان گلمنڊا شھر ۾ سيٺ دليپ ڪمار جي دڪان کي اوچتو باھ لڳي وئي، جيڪا اک ڇنڀ ۾ 4 دڪانن کي وڪوڙي وئي، جنھن ڪري دڪانن ۾ رکيل لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو، باھ سبب لکين رپين جو نقصان ٻڌايو پيو وڃي. جڏھن تہ ٺٽي مان فائربرگيڊ گاڏي گھرائي باھ تي ڪنٽرول ڪيو ويو، باھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم ٿي ناھي سگھيو.

ڪنڌڪوٽ ۾10 ڄڻن خلاف ٻن ڀائرن جو قتل ڪيس داخل

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ 2 ڏينهن پهريان جيل کان آزادي بعد گهر واپسي طرف ويندڙ 2 سڳن ڀائرن جو قتل ڪيس امڙ جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻا تي داخل ڪيوويو.خبر موجب ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن هٿان مارجي ويل 2 سڳن ڀائرن علي خان چاچڙ ۽ يوسف چاچڙ جو قتل ڪيس سندس امڙ پوپري جي فرياد تي 10 ڄڻن مٿان بي سيڪشن ٿاڻا تي داخل ڪيو ويو آهي.

ٻنهي مقتولن جو قتل ڪيس سندس جي امڙ مسمات پوپري چاچڙ جي فرياد تي مک جوابدار رسول بخش عرف ڪراڙو چاچڙ سميت 10 ڄڻن مٿان بي سيڪشن ٿاڻا تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو.ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي جڏهن ته فريادڻ ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته رسول بخشڳ عرف ڪراڙو چاچڙ وارن سان پراڻو خوني تڪرار هلندڙ هو جنهن تان جوابدارن پٽن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.جڏهن ڪيس ۾ ڄاڻايل مک جوابدار رسول بخش عرف ڪراڙو چاچڙ ڪجه وقت اڳ سکر ۾ قتل ٿي ويل آپڪا اڳواڻ محمد مراد چاچڙ جو ڀاءُ آهي.ياد رهي ته هٿياربندن 2 ڏينهن اڳ 2 مقتول ڀائرن جيڪي جيل مان آزادي بعد گهر طرف وڃي رهيا هئا ته کين هٿياربندن ڪار مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ٻنهي ڀائرن کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.