لاڙڪاڻي ۾ بيواهه عورت جو زمين تي قبِضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي رتوديرو جي ڳوٺ علي محمد بروهي جي رهواسڻ پيرسن بيواهه عورت پنهنجي نوجوان پٽن سان گڏجي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن بيواهه عورت زرينه خاتون عرف زربيبي بروهي پنهنجي پٽن عبدلخالق ۽ غلام شبير بروهي سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڳوٺ ڀرسان منهنجي 10 جريب زرعي زمين آهي جتي آءُ پنهنجي يتيم ٻارن سان گڏجي مختلف فصل ڪري پيٽ گذر ڪندي آهيان. هن الزام لڳايو ته گذريل 19 آگسٽ جي ڏينهن صبح جي وقت مان پنهنجي پٽن عبدالخالق ۽ غلام شبير سان گڏجي  زمين ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري رهي هيس.

ته ڳوٺ جي بااثر نظام الدين بروهي پنهنجي پٽن مولا بخش، غلام حسين، غلام رسول ۽ آصف علي بروهي کي ساڻ ڪري بيگناھ اسان مٿان حملو ڪري پاڻي بند ڪري ڇڏيو مزاحمت ڪرڻ تي بااثرن اسان تي پسٽل جي بٽن ۽ لٺين سان سخت تشدد ڪيو، جنهن ۾ منهنجي ٻانهن ڀڄي پئي ۽ منهنجا پٽ پڻ زخمي ٿي پيا اسان جي رڙين تي علائقي واسين اچي بااثرن مان اسان جي جان بچائي اسپتال پهچايو جنهن بعد اسپتال مان علاج ۽ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ وٺڻ کان پوءِ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ رتوديرو ٿاڻي تي پهتاسين جتي پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو اهڙي شڪايت کڻي اسان ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي آفيس پهتاسين پر پوءِ به ڪو تدارڪ نه ڪيو ويو ويتر بااثر نظام الدين بروهي ۽ سندس پٽ اسان کي موتمار ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.