لاڙڪاڻو مان گم ٿي ويل نينگر جو پتو نه پيو، گهر ۾ سوڳ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد کٽاڻ بازار واري علائقي مان هڪ ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويل 12 سالن جي نينگر عبدالباسط پٽ محمود يوسفي ڳولا باوجود به وارثن کي هٿ نه اچي سگهيو جنهن ڪري سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي. ان موقعي تي نينگر جي پي محمود يوسفي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجو پٽ باسط گهر جو سامان وٺڻ لاء ويو ته جيڪو واپس نه موٽيو جنهن کي اسان شهر جي مختلف علائقن توڙي مٽن مائٽن وٽ ڳولا جي ڪوشش ڪئي پر ان جي باوجود سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو بعد ۾ حد جي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو پر پوليس هن وقت تائين نينگر کي هٿ نه ڪري سگهي آهي جنهن ڪري اسان جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.