گڏيل عرب امارت جو سياحتي ويزا کولڻ جو اعلان

گڏيل عرب امارت(م ڊ) گڏيل عرب امارت سياحتي ويزا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ سياحتي ويزا صرف انهن ماڻهن کي جاري ڪيا ويندا جنهن ڊبليو ايڇ او جي منظور ٿيل ڪورونا ويڪسين جي مڪمل خوراڪون ورتي آهي. پرڏيهي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق گڏيل عرب امارت جي فيڊرل اٿارٽي فار آئڊينٽٽي اينڊ سٽيزن شپ ( آئي سي اي) ۽ نيشنل ايمرجنسي ڪرائسز اينڊ ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين سي اي ايم اي) گڏيل طور تي اعلان ڪيو ته 30 آگسٽ کان سمورن ملڪن لاءِ سياحتي ويزائن لاءِ درخواستون کلي وينديون.

ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ

نئين دهلي(م ڊ)ڀارت ۾ لڳاتار ڇوٿين ڏينهن به ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب صحت واري وزارت جي جاري ڪيل بيان مطاق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 4 هزار 583 نوان ڪيس سامهون آيا جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو گڏيل تعداد 3 ڪروڙ 26 لک 95 هزار30 آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 8 هزار 783 کان وڌي 3 لک 68 هزار 558 ٿي ويا آهن،ان دوران 460 مريض ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويا .

طالبان جي قبضي بعد پشاور مان برقعن جي روانگي واپار ۾ واڌ

پشاور(اي پي پي) افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ پشاور مان برقعن جي برآمد ۾ اضافو ٿي ويو. تفصيل موجب افغانستان ۾ طالبان پاران اقتدار سنڀالڻ ۽ ملڪ جو ڪنٽرول طالبان جي هٿ ۾ اچڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه صوبي جي گادي واري شهر پشاور ۾ برقعن جي گهرج ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي، ان ڏس ۾ دڪاندارن جو چوڻ آهي ته طالبان جي اچڻ کانپوءِ اسان جو ڪاروبار چمڪي ويو آهي ڇو ته وڏي انگ ۾ برقعن ۽ حجاب جي افغانستان برآمد ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي

پ پ ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (م ڊ) پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پ پ ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيو، ان کان ڪير پڇڻ وارو ناهي. اورنگي ۾ عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ اين اي 251 جي مرڪزي آفيس جي افتتاح جي موقعي تي علائقي واسين سان خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اورنگي جون حالتون سڀ کان خراب آهن،هتان کٽيندڙ وري تڪ ۾ واپس نه وريا، سياستدان رڳو ووٽن لاءِ تڪن جا دورا ڪندا آهن، حڪمران بڻجندڙ ۽ بڻائيندڙ تبديل نه ٿيندا. هن چيو ته پ پ طرفان 10 هزار ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ باوجود صوبي تباهه ٿي رهيو آهي، پ پ جي ظلم، تعصب ۽ بدترين ڪارڪردگي خلاف آواز آواز نه اٿاريو ويو ته سمجهنداسين پي ڊي ايم جو مقصد اقتدار آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ کان ڪير پڇڻ وارو ناهي، ڇو ته عمران خان جي وفاقي حڪومت کي آصف زرداري هلائي رهيو آهي ۽ بدلي ۾ عمران خان سنڌ ۾ پ پ کي کليل ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.