پرڏيهي شهرين کي وڏن شهرن ۾ ڇو پيا ترسايو: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته وزير اعظم قوم کي ٻڌائي ته بالڪل نه کان مڪمل ها ڪيئن ٿي  آهي ۽ فيصلو ڪٿي ٿيو،پشاور ۾ يوم تاسيس جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته  نيٽو فورسز جي ماڻهن کي ملڪ ۾ رکڻ ڪورونا کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، افغانستان مان نڪرندڙ غير ملڪي ماڻهن کي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ڇو ترسايو وڃي پيو؟ قوم سوال ڪري ٿي ته اهي فيصلا ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيا آهن ۽ انهن جي پويان ڪهڙا مقصد آهن، سراج الحق تحفظات جو اظهار ڪندي سوال اٿاريو ته افغانستان مان نيٽو ۽ آمريڪا جي هزارين فوجين جي نڪرڻ ۽ منتقلي جو فيصلو ڪهڙي فورم ٿي ٿيو قوم کي ان کان باخبر ڪيو وڃي، پرويز مشرف اڏا ڏنا هئا ته ستر هزار ماڻهن کان مٿي ماڻهو پرائي جنگ جو ٻارڻ بڻجي ويا، موجوده حڪومت شهر حوالي ڪرڻ قوم کي ڪهڙي عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ چاهي ٿي، سراج الحق وڌيڪ چيو ته حڪومت جو سونامي ٽن سالن ۾ ناڪامي ، بدنامي ۽ غلامي ۾ تبديل ٿي ويو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.