ڪنڌڪوٽ ۾ آپريشن، ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ،3 زخمي

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي دراني مهر واري علائقي ۾ چاچڙ ۽ جاگيراڻي ۽ سبزوئي گينگ وچ ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ٻنهي طرفن جديد هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکيڙجي ويو ان دوران پوليس پارٽي پهچي چاچڙ ڌر جي ماڻهن جي مدد ڪندي ڏوهارين خلاف مهاڏو اٽڪايو جنهن بعد پوليس ٽيم مورچا سنڀالي ڏوهارين خلاف جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني ۽ مارٽر گولا پڻ فائر ڪيا ويا جڏهن ته ڏوهارين به پوليس مٿان وقفي وقفي سان جديد هٿيارن جو استعمال ڪندا رهيا ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد شيخ جو چوڻ هو ته پوليس آپريشن دوران پوليس هڪ ڏوهاري کي مقابلي دوران ماريو آهي جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن ايس ايس پي چيو ته ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي ڪچي مان ڏوهارين جو خاتمو ڪري ئي واپس موٽبو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.