ڪورونا ۾ گهٽتائي نه ٿي، رات 8 وڳي ڪاروبار بند

اسلام آباد( م ڊ) ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر جي گهٽتائي نه اچڻ سبب اين سي او سي بندشن ۾ واڌ ڪندي بندشن جو دائرو 27 شهرن تائين وڌائي ڇڏيو آهي. بندش هيٺ آيل شهرن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، اسلام آباد، لاهور، خانيوال، ميانوالي، سرگوڌا، خوشاب، بهاولپور، ملتان، گجرانوالا، راولپنڊي، رحيم يار خان، پشاور، اسڪردو، سوات، هري پور، مانسهرا، لوئر دير، ايبٽ آباد، چترال وغيرهه شامل آهن. بندشن تحت هفتي ۾ ٻه ڏينهن مارڪيٽون بند رهنديون،  انڊور شادين جي تقريب تي بندش، 300 مهمانن سان آئوٽ ڊور شادي جي تقريبن جي رات 10 وڳي تائين اجازت هوندي. مزارن تي زائرين جي آمد کان سواءِ سينيما گهرن تي به بندش هوندي.  راندين ۾ به صرف ويڪسين ٿيل ماڻهو ئي حصو وٺي سگهندا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.