اسڪول جي ٻارن لاءِ ڪهڙو ماسڪ ضروري آ؟

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ آمريڪا جي بيمارين تي ڪنٽرول ۽ روڪٿام واري مرڪز (سي ڊي سي) ۽ امريڪن اڪيڊمي آف پيڊياٽرڪس(اي اي پي) ٻنهي ادارن 2 سالن کان مٿي عمر واري ٻارن کي اسڪول ۾ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو آهي.

سي ڊي سي موجب هڪ اهڙي ماسڪ جو استعمال ڪيو وڃي جيڪو ڌوئڻ ۽ ساهه کڻي سگهڻ جهڙي ڪپڙي تي ٻن تهن تي مشتمل هجي ۽ ان ۾ نڪ جي ڪلپ به ٺهيل هجي ته جيئن نڪ ۽ منهن کي صحيح طريقي سان ڍڪي سگهجي ۽ ڪا به وٿي نه رهي.

ڪجهه ماهرن سڀ کان خطرناڪ ڊيلٽا وائرس جي ڪري اين 95 يا ڪي اين 95 استعمال ڪرڻ جو مشورو به ڏنو آهي.

تنهن هوندي به ٻارڙن جي لاءِ ماسڪ جي چونڊ جي حوالي سان اهم ڳالهه اها آهي ته انهن جي لاءِ اهڙو ماسڪ ڳوليو وڃي جنهن ۾ ٻار آرام محسوس ڪري ته جيئن اهو انکي اسڪول ۾ سڄو ڏينهن پهري سگهي.

اهو ماسڪ مناسب طريقي سان فِٽ هجڻ گهرجي تنهنڪري ٻارن جي سائز جا ماسڪ وٺي انهن کي ماسڪ پهرڻ جو عادي بڻايو وڃي.

جيڪڏهن توهان جو ٻار عينڪ استعمال ڪندو آهي ته ان کي ايڊجسٽ ايبل نوز پن وارو ماسڪ استعمال ڪرايو ته جيئن شيشن تي گهِم نه اچي ۽ ٻار ڏسڻ جي پريشاني کان بچي سگهي.

اي اي پي جي اسڪولن واري ڪونسل هيلٿ جي سربراهه سارا بوڊي چيو آهي ته اها رڳو انهن ماسڪز کان روڪيندي آهي ته جيڪي ويڪرا ۽ ڍرا هوندا آهن ۽ گچي جي چوڌاري پائڻ جي لاءِ ٺاهيا ويا آهن انهن کي ٿوري ٿوري دير ۾ گهڙي گهڙي نڪ ۽ منهن تي پائڻو پوندو آهي.

هن چيو ته هڪ ڀيرو جيڪڏهن توهان کي پنهنجي ٻار لاءِ صحيح ماسڪ ملي وڃي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته ٻار انکي صحيح طريقي سان پائي ۽ لاهي سگهن ٿا.

ماهرن چيو آهي ته ٻارن کي سمجهايو ته ماسڪ پهري انکي لاهڻ کانپوءِ پنهنجا هٿ ڌوئي ڇڏيو ۽ ماسڪ پهرڻ وقت انکي ڇهڻ کان به پاسو ڪيو، ماسڪ کي لاهڻ وقت انکي پٺين پاسي کان ڇڪي لاهڻ گهرجي ۽ اڳيان واري تهه کي ڇُهڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.