خوبصورتي جو وڏو راز

 

صاف چهري جي خواهش هر ڪنهن جي هوندي آهي، عورتن جي ڳالهه ڪجي ته اهي پنهنجي واندڪاي جو سڀ کان گهڻو وقت پنهنجي خوبصورتي ۽ چهري جي صفائي تي ئي ڏيڻ پسند ڪنديون آهن.

ان جي لاءِ عورتن کي مختلف ابٽن، ڪيميڪل مليل ڪريمن جو استعمال ڪرڻو پوندو آهي جيڪو نه رڳو انهن جو وقت زيان ڪندو آهي پر ٿوري وقت جي لاءِ فائدي کانپوءِ گهڻي وقت تائين نقصان به ڏيندو آهي.

ڪريمن جو استعمال نه رڳو چهري تان قدرتي رونق ختم ڪري هٿرادو اڇو رنگ ڏيندو آهي پر ان سان مختلف چمڙي جون بيماريون به ٿي سگهن ٿيون.

اڄ جي جديد دور ۾ ته صحت جي ماهرن مختلف ڪيميڪلن واري ڪريمن جي استعمال سان چمڙي جي وڏي موذي مرضن سميت چمڙي جي ڪينسر ٿيڻ جا به پختا اشارا ڏنا آهن.

جيڪڏهن ڪنهن کي ٻڌائجي ته توهان جي خوبصورتي لاءِ ڪيل محنت توهان جي زندگي جي لاءِ نقصانڪار آهي يا توهان جي موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي ته ڀلا ڪير هوندو جيڪو پنهنجو جيءُ اهڙي جوکي ۾ وجهندو؟

جيڪڏهن توهان سوچيو ته انهن شين کان پاسو ڪندي عورتن جي لاءِ خوبصورت بڻجڻ وارو خواب ته ختم ٿي ويندو يا عورتن جي خوبصورت چهري واري خواهش اڻپوري ئي رهندي ته اهو توهان غلط سوچي رهيا آهيو.

ڇو ته اسان هتي توهان لاءِ کڻي آيا آهيون هڪ اهڙو انوکو طريقو جنهن جي مدد سان توهان بنا ڪنهن سائيٽ افيڪٽ جي پنهنجي چهري کي صاف ڪري پنهنجي خوبصورتي وارو خواب سچو ڪري سگهو ٿا، اهو به بنا ڪنهن وڏي تڪليف ۽ خرچن جي.

ته پوءِ دير ڇاجي،

اسان توهان کي ٻڌايو ٿا خوبصورت ٿيڻ جو اهو راز جنهن سان نه رڳو توهان جو قيمتي وقت بچندو ۽ خرچ بچندو پر توهان جي چمڙي کي به ڪو نقصان نه ٿيندو.

شيون

جَوَن جو اٽو

زيتون جو تيل

ماکي

طريقو

جَوَن جو اٽو ٿوري مقدار ۾ کڻو، ان ۾ ٿوري مقدار ۾ ماکي ۽ پنج کان اٺ ڦُڙا زيتون جي تيل جا وجهو.

انکانپوءِ ٿوري مقدار ۾ ان ۾ پاڻي وجهو ۽ ٺيڪ طريقي سان ملائي ان جي پيسٽ ٺاهي وٺو.

بس ائين ڪرڻ سان نسخو تيار آهي ۽ توهان انکي پنهنجي چهري تي استعمال ڪري سگهو ٿا.

ان پيسٽ کي پنهنجي منهن تي درست نموني مليو، ٿوري دير ڇڏڻ کانپوءِ پنهنجي چهري کي صاف پاڻي سان ڌوئي وٺو.

ان پيسٽ جي ڪجهه ڏينهن تائين لڳاتار استعمال سان توهان جو چهرو نه رڳو صاف ٿي ويندو پر اهڙو خوبصورت بڻجي ويندو جو ڏسڻ وارا حيران رهجي ويندا ۽ هر ڪوئي توهان کان توهان جي خوبصورتي جو راز پڇندو رهجي ويندو.

جيڪڏهن ان ۾ ماکي جو استعمال نه به ڪجي تڏهن به جَوَن جو اٽو ۽ زيتون جو تيل چهري کي صاف ۽ خوبصورت بڻائي سگهي ٿو. ماکي جي استعمال سان توهان جي چهري جي چمڙي مضبوط ۽ تازي ٿيندي آهي.

انکاسواءِ جَوَن جي اٽي ۾ ليمي جو رس وجهي به توهان پنهنجي چهري تان داڳ ڌٻا ختم ڪري سگهو ٿا ۽ پنهنجي چهري کي خوبصورت، چمڪندڙ ۽ تازو بڻائي سگهو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.