ڪابل ۾ طالبان جي قبضي کانپوءِ پاڪستان ۾ به وڏي تبديلي اچي وئي

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) طالبان طرفان افغان تخت گاهه ڪابل جو اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ مختلف تبديليون نظر اچي رهيون آهن.

طالبان جي افغانستان تي قبضي کانپوءِ سڀ کان وڏي تبديلي افغانستان ۾ آئي، جتي هزارن جي انگ ۾ ماڻهو وطن ڇڏي پنهنجي نئين زندگي جي ڳولا ۾ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جا خواهشمند آهن.

افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمند شهرين جي آمريڪا، برطانيا، فرانس سميت ٻيا ملڪ مدد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڪابل ۾ برقعي جو وڪرو به وڌي ويو آهي.

افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول جو پاڪستان تي به اثر پيو آهي ۽ خيبر پختونخواهه جي تخت گاهه پشاور ۾ به برقعي جو وڪرو وڌي ويو آهي.

دڪاندارن موجب طالبان جي اچڻ کانپوءِ اسان جو ڪاروبار وڌي ويو آهي، ڇو ته وڏي انگ ۾ برقعا ۽ حجاب افغانستان برآمد ڪيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.