لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو زور ، ٻن ڏينهن اندر 3 ماڻهو فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا وگهي 60 سالن جو مريض فوت ٿي ويو، ٻن ڏينهن دوران  فوتين جو انگ ٿي ويو، ٻن ڏينهن دوران فوتين جو انگ 3 ٿي ويو، شهرين ڪورونا ايس او پيز کي تڏي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ڪالهه چانڊڪا اسپتال جي ڪورونا آءِ سي يو وارڊ ۾ ڪورونا ۾ مبتلا مرزاپور واسي 60 سالن جو مريض لال بخش جيھو فوت ٿي ويو جنهن جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي فوتي جي تدفين ايس او پيز تحت ڪئي وئي. ان حوالي سان ڪورونا آءِ سي يو وارڊ جي انچارج ٻڌايو ته فوتي لال بخش جيهو ڳڻتي جوڳي ۾ ڪورونا آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل هو جيڪو ڪورونا وگهي فوت ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته وارثن کي سختيءَ سان هدايت ڪئي وئي آهي ته فوتيءَ جي تدفين ايس او پيز تحت ڪئي وڃي. هوڏانهن ڪورونا جي چوٿين خطرناڪ لهر دوران شهرين ڪورونا ايس او پيز کي نظرانداز ڪري ڇڏيو .جن طرفان شهر جي بازارن، مارڪيٽن ۽ عوامي هنڌن جو رخ ڪري رش جي صورت ۾ گڏجڻ معمول بڻجي ويو آهي جڏهن ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ ضلعي انتظاميه پڻ بيوس بڻيل آهي.

لکي ويجهو سئوٽن نوجوان کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو

لکي غلام شاھه (ت ر) لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد ۾ سئوٽن گوليون هڻي پنهنجي سئوٽ کي زخمي ڪري ڇڏيو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو منتقل ڪيس داخل نه ٿيو، (رپورٽ موجب)لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد وزيرآباد ٻاهران ڳوٺ راڄو لٻاڻو وٽ پراڻي تڪرار تان سئوٽن گوليون هڻي سئوٽ نوجوان معشوش علي ڍول کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا،اطلاع تي لکي پوليس جاء وارڌات تي پهچي زخمي کي ڳوٺاڻن جي مدد سان کڻائي لکي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمي ٿيل ٻڌايو ته سئوٽن سان ڪارنهن تان ٻن مهينن کان جھيڙو ھلندڙ ھو جن ڳولي ھڻي زخمي ڪيو آھي جوابدارن ۾ شھزور. نصير ڍول شامل آھن هوڏانهن زخمي جي حالت نازڪ هجڻ ڪري لکي کان لاڙڪاڻو اسپتال ريفر ڪيو ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

هالاڻي ويجهو برساتي نالو ٽٽي پيو، ٽرڪ ڪلٽي

ھالاڻي (ن ع آ) ھالاڻي ۾ تازو ڪروڙين روپين سان ھڪ ڪلو ميٽر ٺھيل نيشنل ھاء وي روڊ  مٿان برسات جي پاڻي نيڪال جي پاڻي واري نالي ۾ ناقص مٽيريل سريو استعمال ڪرڻ سبب اڄ ريتيء سان ڀريل ٽرڪ  ٺھيل برسات جي نيڪال واري نالي مٿان ڪراس ڪيو ته ٺھيل نالو ٽٽي پيو جنھن سبب ريتي سان ڀريل  ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي ٽرڪ جي  ھيٺان 2 موٽر سائيڪلون ٽرڪ اچي ويون جيڪي تباھ ٿي ويون موٽر سائيڪل جي مالڪن چيو ته اسان مزدوري ڪندا آھيون اسان جون موٽر سائيڪلون روڊ جي ڀرسان بيٺل ھيون نالو ٽٽڻ ڪري ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي جنھن ۾ اسان جون ٻـ موٽر سائيڪلون تباھ ٿي ويون اسان غريب آھيون معاوضو ڀري ڏنو وڃي ٻئي طرف روڊس جي انجنئير ۽ روڊ جي ٺيڪيدار سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي رابطو نه ٿي سگھيو ھوڏانھن ھالاڻي جي شھرين قابل خاصخيلي اڪبر بروھي حزب الله چانگ ٻين اعلي عملدارن کان مطالبو ڪندي  چيو ته روڊ جي برسات جي نيڪال واري نالي ۾  ناقص مٽريل اسعتمال ڪندڙ روڊ جي آفيسرن ۽ ٺيڪيدار خلاف جانچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.