سهولتڪاري ڪيس جي ٻڌڻي، ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻيا پيش

ڪراچي (رپورٽر) ڊاڪٽر عاصم حسين سميت ٻين تي دهشتگردي ۾ سهولت ڪاري ۽ ضياءُ الدين اسپتال ۾ علاج ڪرڻ واري ڪيس جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ٻڌڻي ٿي،  ڊاڪٽر عاصم، انيس قائم خاني، وسيم اختر ۽ رئوف صديقي سميت ٻيا پيش ٿيا، جڏهن ته قادرپيٽل جي پاران حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري سمورن جوابدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدار پيش نه ٿيا ته ضمانت ردڪئي ويندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.