افغانستان مان پرڏيهين کي ڪراچي آڻڻ جو فيصلو ملتوي

ڪراچي (رپورٽر) آمريڪا افغان ٽرانزٽ مسافرن جي منتقلي جي منصوبي ۾ تبديلي ڪندي پرڏيهين کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو فيصلو  ملتوي ڪري ڇڏيو. سول ايوي ايشن ذريعن موجب آمريڪا طرفان افغانستان مان نڪرندڙ ماڻهن کي ڪراچي نه آڻڻ جو فيصلو سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي ڪيو ويو آهي، افغانستان مان منتقل ڪئي ويندڙ افغان شهرين ۽ پرڏيهين کي هاڻ رڳو اسلام آباد آندو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا افغانستان مان ڪڍي ويندڙ ماڻهن جي انگ ۾ به گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي ۽ افغان ٽرانزٽ مسافرن جي منتقلي لاءِ لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽ کي في الحال اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آهي. ذريعن موجب ٽرانزٽ مسافرن جي منتلقي جي منصوبي ۾ تبديلي بابت سنڌ حڪومت کي به آگاهه ڪيو ويو آهي. سي اي اي ذريعن موجب اسلام آباد آندل افغاني ٽرانزٽ مسافرن کي جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهي پاڪستان مان منتقل ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ايندڙ ٽرانزٽ مسافرن کي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي ايئرپورٽ کان ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ڪيو ويندو، رڳو انتهائي ضرورت تي ئي ٽرانزٽ مسافرن کي اسلام آباد جي هوٽلن ۾ رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.