بغداد ڪانفرنس: ايران، ترڪي ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڳالهيون

بغداد(م ڊ) ڪابل ۾ ڌماڪن ۽ طالبان جي افغانستان تي حڪومت ڪرڻ جي حوالي سان  عراق ۾ ٿيندڙ سربراهي ڪانفرنس ۾ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون دولت اسلاميه جي باري ۾ خبردار ڪري ڇڏيو، اي ايف پي مطابق بغداد ڪانفرنس جي ايجنڊا تي منتظم خاموش آهن پر اها ملاقات اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن عراق عرب ملڪن  ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اجلاس ۾ مصري صدر عبدالفتاح السيسي، اردن جي شاهه عبدالله ٻيو، متحده عرب امارات جي وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم، ڪويت جي وزيراعظم شيخ صباح الخالد الصباح،عراقي وزيراعظم مصطفيٰ الڪاظمي، ايران، ترڪي ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.