ام رباب جي قافلي کي ڪراس ڪندڙ برهان چانڊيي جي گارڊن جي ڪار سان حادثو

قمبر/خيرپورناٿن شاهه (نمائندن وٽان  ) دادو ڪورٽ ۾ حاضري بعد ام رباب چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو وارن جا قافلا ميهڙ وڃي رهيا هيا ته خيرپورناٿن شاهه ڀرسان ڳوٺ لڌاڻ سامهون انڊس هائي وي تي برهان خان چانڊيو جي گارڊن جي گاڏي  ام رباب چانڊيو جي قافلي کي ڪراس ڪري رهي هئي ته روڊ جي سائيڊ تي خالي بيٺل جي ايل آءِ ڪار  سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ برهان خان چانڊيو جا چار گارڊ هزار خان چانڊيو سندس ڀاءُ جلال خان چانڊيو ، غيبي چانڊيو ، حاجي خان چانڊيو زخمي ٿي پيا زخمين کي برهان خان چانڊيو پنهنجين گاڏين ۾ فوري طور تي علاج لاءِ تعلقا اسپتال خيرپورناٿن شاهه آندو،  جتي ڊاڪٽرن زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏني جنهن بعد زخمي پنهنجي گهرن طرف روانا ٿي ويا، رابطي تي ايس ايڇ او اڪبر چنا ٻڌايو ته ڳوٺ لڌاڻ سامهون انڊس هاءِ وي تي حادثي واري جاءِ پهتا سين روڊ تي بيٺل ڀان واسي اسلم چنا ڪار  جي آهي جنهن سان قافلي مان ڪار ٽڪرائجي وئي هئي،  جڏهن ته لڌاڻ اسٽاپ جي هوٽلن تي ويٺل ماڻهن ٻڌايو ته ڪار ڊرائيور ڪار روڊ ڀرسان سائيڊ ڪري هيٺ لهي بيٺو هيو ته گاڏين جي قافلي مان هڪ تيز رفتار گاڏي ٻين گاڏين کي ڪراس ڪري رهي هئي ته روڊ ڀرسان بيٺل ڪار سان ٽڪرائيجي وئي. ٻئي پاسي سردار خان چانڊيو، نواب غيبي سردار احمد خان چانڊيو، پ پ ايم پي اي نوابزاده برھان خان چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا ڳالھائيندي چيو ته ام رباب چانڊيو تي ڪو به حملو ناهي ڪيو الزام ڪوڙا آهن،  دادو ڪورٽ  کان واپس اچي ڪنهن دعوت ۾ شرڪت لاءِ قافلي سان وڃي رھيا ھياسين ته اسانجي قافلي جي گاڏي ھڪ بيٺل ڪار ۾لڳي، جيڪا سيوھڻ  جي برھماڻين جي ھئي ڪار ۾ ڪير به نه ھو اسان جا 3 ڄڻا زخمي ٿيا جن ۾ مکڻ چانڊيو ۽ غيبي چانڊيو شامل آهن، باقي حملي جا الزام غلط آهن ھنن وڌيڪ چيو ته عدالت تي مڪمل اعتماد آهي، جيڪو به فيصلو ايندو قبول ڪيو ويندو،  فريادين جي واويلا اجائي آهي.

چانڊيا سردارن مون کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: ام رباب

ميھڙ(رپورٽ: جميل مهيسر)ميھڙ جي ٽن شھيدن جي وارث ام رباب چانڊيو پنهنجي چاچي پرويز چانڊيو ۽ ڪيس جي شاھد اعجاز چانڊيو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اڄ دادو مان ڪورٽ جي حاضري کان واپسي دوران مخالفن هراسان ڪري مون کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سردار ڀائرن جي گارڊن جي گاڏي منھنجي گاڏي کي ٽڪر ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس روڊ تي بيٺل ٻي گاڏي ۾ ٽڪرائجي وئي ھن چيو ته مون کي مسلسل هراسان ڪيو پيو وڃي ٻنهي ايم پي اي ڀائرن مان خطرو آهي اهي عدالتي فيصلو محفوظ ٿيڻ کان پوءِ پريشان آھن سنڌ پوليس پ پ پ ايم پي ايز خلاف ڪاروائي نه پئي ڪري هن چيو ته اسان جي جدوجهد جاري رهندي جاگيردار قانون کان مٿي ناهن هن گهر ڪئي ته مون کي هراسان ڪرڻ ۽ حادثي ذريعي قتل ڪرائڻ واري سازش جو ڪيس داخل ڪري واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ھن چيو ته مان ٿاڻي تي ارادي قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست ڏئي رهي آهيان ۽ منھنجو ڪيس داخل ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.