پاڪستان کي هڪ طرف ڌڪڻ سان آمريڪا کي ڪهڙو فائدو؟ معيد يوسف

اسلام آباد(م ڊ)وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف چيو آهي ته ڇا افغان فورسز کي طالبان سان وڙهڻ کان پاڪستان روڪيو هو؟ ڇا اشرف غني کي پاڪستان چيو هو ته ملڪ ڇڏي فرار ٿي وڃي؟ پاڪستان ته آمريڪي جي درخواست تي طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آندو هو، پوءِ جڏهن نتيجا سامهون آيا ته الزام به پاڪستان تي مڙهيو پيو وڃي،آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ کي انٽرويو ۾ معيد يوسف چيو ته طالبان وٽ هاڻي سڄو ملڪ آهي، اولاهين ملڪن وٽ اهو موقعو آهي ته طالبان کي قبول ڪري انهن کي سمجهائي سگهن ٿا، هن چيو ته مان پاڪستان لاءِ ڪنهن به همدردي جو مطالبو نٿو ڪيان، آمريڪا جي خود غرض قومي مفادن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان ته پاڪستان جهڙي وڏي ۽ طاقتور ملڪ کي هڪ پاسي ڌڪڻ سان ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڇا پاڪستان ۽ آمريڪا جا مفاد هڪ جهڙا ناهن؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.