وئڪسينيشن لازمي قرار، سنڌ حڪومت جو هدايت نامو جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت وئڪسينيشن لازمي قرارڏيندي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ( اين سي او سي) جي هدايتن تي سنڌ حڪومت نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، هدايتن تحت پبلڪ ٽرانسپورٽ، جهاز ۽ ٽرين ۾ سفر لاءِ وئڪسين ڪرائڻي پوندي، جڏهن ته تعليمي ادارن، شادي هالن، هوٽلن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وئڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻو پوندو. گهرو کاتي 30 سيپٽمبر تائين ڏيڊ لائن ڏئي ڇڏي آهي ته ٽرين ۽ روڊ تي سفر ڪندڙن کي 15 آڪٽوبر تائين جي مهلت ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.