ميڊيا اٿارٽي رد، پ پ پُٺي ۾ خنجر هنيو،وڪيلن سان گڏ آهيون: فضل الرحمان

ڪراچي (رپورٽ: صادق سومرو) اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم حڪومت خلاف فيصلي  ڪن تحريڪ لاءِ ملڪ گير احتجاجي ڪارروان شروع ڪرڻ تي اتفاق، پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ جي يو آءِ ف  جي سربراهه ۽ پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم کي حڪومت مخالف تحريڪ جي فيصلي ڪن رائونڊ ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو ته لانگ مارچ ۽ اسيمبلين مان استيفائون ڏنيون وڃن، هن چيو ته پاڻي مٿي کان چڙهي ويو آهي، حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ هاڻ انتهائي فيصلا ڪرڻا پوندا، صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو پ پ  پي ڊي ايم جي پٺ ۾ ڇرو هنيو پراسين پيپلز پارٽي خلاف نه ڳالهائينداسين، پي ڊي ايم سنڌ جي مسئلن کي به اجاگر ڪندي، پي ايم ڊي اي جي نالي سان اٿارٽي ٺاهي پئي، ميڊيا برادي ۽ صحافين سان ڀرپور اظهار يڪجهتي لاءِ احتجاج ڪيو ويندو،سڌارن جي نالي تي غير قانوني قدم کڻڻ جي اجازت ڪونه ڏينداسين، ڪاري قانون کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيوته فيصلو ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ جلسن جو ڄاروڇائينداسين.پي ڊي ايم اجلاس ۾ ن ليگ صدر شهباز شريف، آفتاب شيرپائو، پروفيسر ساجد مير، اويس شاهه نوراني ۽ ٻيا شامل ٿيا. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اسحاق ڊار لنڊن ۽ مريم نواز لاهور مان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. بلوچستان مان سردار اختر مينگل، محمود اچڪزئي ۽ ڊاڪٽر عبدالماڪ شريڪ نه ٿيا. جڏهن ته بي اين پي، نيشنل ملي پارٽي ۽ پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي وفدن شرڪت ڪئي، بي اين پي ۽ نيشنل پارٽي جو چوڻ هو ته هاڻ جلسي ۽ جلوسن سان اڳتي وڌڻو پوندو، اجلاس کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته عزم ڪري ورتو آهي ته جمهوريت جي بقا خاطر جدوجهد مرڻ گهڙي تائين جاري رهندي. پاڪستان عالمي سطح تي بدترين اڪيلائي جو شڪار ٿي چڪو آهي. عوام ۾ اڃا به ساڳيو جذبو آهي، پي ڊي ايم تحريڪ ڪاميابي ماڻيندي، نواز شريف وڌيڪ چيو ته ايندڙ سال چونڊن جو هوندو. تحريڪ کي چونڊن ٿيندڙ ڌانڌلي کي روڪڻ لاءِ به تياري ڪرڻ گهرهجي. نواز شريف جيل ڀريو تحريڪ جي تي غور ڪرڻ جي به تجويز پيش ڪئي. حڪومت مخالف تحريڪ کي هڪ فعال ۽ فيصلا ڪن بڻائڻو پوندو، ٻئي طرف ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عورتون ڀرپور نموني شرڪت ڪنديون، عورتن لاءِ ڌار ڪارنر قائم ڪيو ويندو. واضح رهي ته پي ڊي ايم اڄ ڪراچي ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ باغ جناح ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.