سنڌ ۾ افغان پناهگيرن کي ترسائڻ جو فيصلو هاڃيڪار آهي : صنعان قريشي

حيدرآباد (پ ر ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم ميڊيا سينٽر تان مرڪزي پڌرائي ۾  ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته وفاق  سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهي فيصلا ڪري رهيو آهي! سنڌ ۾ اڳ ئي لکين ڌاريا موجود آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي وڌڻ جو ھر وقت خطرو آهي ۽ جڏهن ته ڌاري آبادي سنڌ مٿان معاشي طور تي وڏو بار پڻ بڻيل آهن،  هن چيو ته سنڌ ۽ وفاق جا حڪمران گڏيل طور تي سنڌ مان ڌاري آبادي کي واپس ڪرڻ بدران افغانين، بنگالين، ٻهارين، برمين کي سرڪاري سهولتون ڏئي آباد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته افغانستان جي خراب صورتحال سبب سنڌ ۾ افغان پناهگيرن کي ترسائڻ جو فيصلو ويتر سنڌ جي وجود لاءِ هاڃيڪار آهي، هن  چيو ته سنڌو درياءَ سنڌ جو ساھ آهي ، وفاق سنڌو درياءَ جو پاڻي روڪي سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.