لاڙڪاڻي ۾ افغانين جي آمد خلاف ريليون، ڌرڻا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي سول سوسائٽي جي سڏ تي سنڌ ۾ افغانين جي آمد خلاف شهر جي پاڪستاني چوڪ کان احتجاجي ريلي  ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جنهن ۾ تعليمدانن، شاگردن، سياسي سماجي اڳواڻن توڙي مختلف مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ٻئي پاسي عام انسان پارٽي طرفان افغانين جي سنڌ ۾ آمد خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . ان موقعي تي سنڌ جي حقن ۽ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ سماجي اڳواڻ لياقت ميراڻي، ياسر شيخ، محب باجڪاڻي، انور ڊومڪي، شمن علي بوزدار، راج محمد گوپانگ، انور لاشاري، ذيشان مصطفيٰ جسڪاڻي ۽ ٻين چيو ته 40 سال اڳ صرف ٽن مهينن جي لاءِ سنڌ ۾ آيل 40 لک افغانين اڃان تائين سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪيون ويٺا آهن جيڪي سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي قابض آهن، هٿ وٺي افغاني پٺاڻن کي سنڌ ۾ رهائش جي اجازت ڏئي ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.