پريانڪا چوپڙا رتورت ٿي وئي، مداح پريشان

 

بالي ووڊ ۾ پهرئين جوڙ جي اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي تازين تصويرن مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو.

پريانڪا چوپڙا آمريڪي سنگر نڪ جوناس شادي کانپوءِ گهڻي قدر ملڪ کان ٻاهر ئي رهندي آهي ۽ هوءَ بالي ووڊ جي ڀيٽ ۾ هالي ووڊ پراجيڪٽن کي ترجيح ڏيندي آهي.

39 ورهين جي پريانڪا چوپڙا هن وقت به آمريڪي ٽيلي ويزن سيريز ”سيٽاڊِل“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي ۽ ان ئي منظر تي آيل سندس تازين تصويرن مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

تازين تصويرن ۾ اداڪارا زخمي نظر اچي رهي آهي، تصويرن ۾ پريانڪا جي مُنهن تي زخمن کي واضح طور ڏسي سگهجي  ٿو.

اهڙي تصويرون پريانڪا چوپڙا پاڻ انسٽاگرام تي شيئر ڪيون، جن ۾ سندس ڳَل ۽ نِرڙ تي رت جا نشان ڏسي سگهجن ٿا.

اداڪارا پنهنجي مداحن کان پڇيو ته انهن مان ڪهڙو زخم اصلي ۽ ڪهڙو زخم نقلي آهي؟

پريانڪا اسٽوري ۾ پنهنجي هڪ مداح جو جواب شيئر ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته نرڙ تي موجود زخم نقلي، جڏهن ته تي ڳَل وارو زخم اصلي آهي.

هن مداح جي غلط فهمي ختم ڪندي واضح ڪيو ته ڀرون ۾ موجود ڪَٽ اصلي آهي، جڏهن ته ڳَل جو زخم رڳو پروگرام جي عڪسبندي لاءِ ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.