سام سنگ گيليڪسي ايس 22 جي فيچرز جا تفصيل ليڪ

سام سنگ ڪجهه ڏينهن اڳ گيليڪسي ايم سيريز جو  هڪ نئون مڊرينج 5 جي سمارٽ فون متعارف ڪرايو هو  جنهن جي فيچرز جا تفصيل ليڪ ٿي ويا آهن.

واضح رهي ته سام سنگ پنهنجي ايس سيريز جي فليگ شپ فونز لاءِ آپٽيڪل زوم جي صلاحيتن تي ڪڏهن به ڌيان ناهي ڏنو.

گيليڪسي ايس 20 ۽ ايس 21 ۾ يقين نه ڪرڻ جوڳي هائبرڊ زوم طاقت آهي پر آپٽيڪل زوم موجود ته آهي جيڪا رڳو  1.1 زوم ڪري سگھي ٿي.

رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گيليڪسي ايس 22 ايس سيريز ۾ 10 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو لينس دستياب هوندو جيڪو گيليڪسي ايس 20 ۽ ايس 21 ۾ هائبرڊ جي ابتڙ پهريون ڀيرو 3x آپٽيڪل زوم کي سپورٽ ڪندو.

ايس 22 الٽرا ۾ اهو ئي10ميگا پڪسل ڊوئل ٽيلي فوٽو لينس سيٽ اپ موجود هوندو جيڪو ايس 21 الٽرا جهڙو آهي.

ان مان هڪ 10x  آپٽيڪل زوم جي قابل هوندو، پر ايتري تائين جو جيڪڏهن سام سنگ 10x  آپٽيڪل زوم لينس کي سپورٽ ناهي ڪندو گيليڪسي ايس 22 ءٌ ايس 22+ ۾ اڃا به 3x زوم سان گڏ هڪ ئي بهتر آپٽيڪل زوم لينس دستياب هوندو.

ان کان اڳ گيليڪسي ڪلب جي رپورٽ ۾ به تصديق ڪئي وئي هئي جنهن ۾ گيليڪسي S22 & S22+ ماڊلز لاءِ 50mp  جي مرڪزي ڪيمرا سامهون آئي آهي.

اها فون هڪ 12 ميگا پڪسل الٽرا وائيد شوٽر سان گڏ ايندي، پر سامهون آيل ڪيمرا يا ان جي بهتري بابت ڪي به تفصيل سامهون ناهن آيا.

ٻين افواهن موجب ان فون جي 4500 ايم اي ايڇ بيٽري سپر فاسٽ چارجنگ سان گڏ موجود هوندي.

اميد ڪئي پئي وڃي ته اينڊرائيڊ 12 کي بوٽ ڪيو ويندو جنهن ۾ يو آءِ 4 به موجود هوندو.

واضح رهي ته سام سنگ گيليڪسي ايس 22 کي ايندڙ سال 2022ع ۾ متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.