ٽڪ ٽاڪ تي پابندي خلاف درخواست، عدالت تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ جي پابندي خلاف درخواست تي تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٽڪ ٽاڪ تي پابندي خلاف درخواست تي تحريري حڪم نامو جاري ڪيو آهي.

چئن صفحن تي ٻڌل تحريري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو ڪو مناسب جواز پيش نه ڪري سگهيو، جڏهن ته ڊپٽي اٽارني جنرل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ وقت جي اپيل ڪئي آهي.

تحريري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي اي وڪيل عدالتي پڇاڻي تي ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو معاملو ڪابينا سامهون نه رکيو ۽ عدالتي پڇاڻي تي پي ٽي اي اختيارين ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪ تي ٽيڪنالاجي جي ٻين ذريعن سان پهچ ممڪن آهي، ٽڪ ٽاڪ تي پابندي ان ڪري به غير اثرائتي آهي، ڇو ته ٽيڪنالاجي جي ٻين ذريعن سان پهچ ٿي سگهي ٿي.

حڪم نامي موجب جڏهن اها مڃيل حقيقت آهي ته هڪ سيڪڙو ماڻهو ٽڪ ٽاڪ جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن ته سوشل ميڊيا سائنس تي پابندي حل ناهي، سوسائٽي ۾ هڪ هيٺين علامت کي سوشل ميڊيا سائٽس تي موجود مواد سان نٿو جوڙي سگهجي، عالمي سطح تي ٽيڪنالاجي جي غير معمولي ترقي سوسائٽي ۾ ڪيترائي چئلينج سامهون آندا.

عدالت رپورٽ طلب ڪندي سوال ڪيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بابت حڪومتي پاليسي ڪهڙي آهي؟ پي ٽي اي وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا کان ٽڪ ٽاڪ پابندي بابت پاليسي پڇي، پي ٽي اي 20 سيپٽمبر تي وفاقي حڪومت جي پاليسي بابت رپورٽ پيش ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.