حڪومت سرڪاري ملازمن تي وڏي پابندي هڻي ڇڏي

سوشل ميڊيا جو استعمال هن وقت تقريبن هر ڪو ڪري رهيو آهي جن ۾ ٻار، وڏا ۽ عورتون به شامل آهن.

14 آگسٽ ڏينهن مينار پاڪستان تي عورت ٽڪ ٽاڪر عائشه اڪرم کي هجوم طرفان هراسان ڪرڻ جو واقعو به سامهون آيو هو جنهن کان پوءِ عوام اهڙن واقعن جو سبب سوشل ميڊيا کي قرار ڏيندي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو مطالبو ڪيو هو.

تازو وزيراعظم عمران خان به جنسي واقعن ۾ واڌ جو سبب موبائل جي غلط استعمال کي قرار ڏنو هو.

ان سلسلي ۾ هاڻ سرڪاري ڄاڻ ۽ دستاويز ليڪ ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ حڪومت سڀني سرڪاري ملازمن کي سوشل ميڊيا تي استعمال کان روڪي ڇڏيو.

اسٽبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪو به سرڪاري ملازم، حڪومت جي اجازت کان سواءِ ڪنهن به ميڊيا پليٽ فارم ۾ شرڪت نٿو ڪري سگھي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته اهڙين هدايتن جو مقصد ڪنهن سرڪاري اداري طرفان حڪومتي پاليسي تي عوامي رد عمل، خدمتن ۾ بهتري لاءِ تجويزن وٺڻ ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ سوشل ميڊيا جي تعميري ۽ هاڪاري استعمال جي حوصلا شڪني ڪرڻ نه  آهي.

پر اهڙا ادارا ان ڳالهه جي پابندي ڪندا ته انهن جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان جارحاڻن، نامناسب ۽ اعتراض جوڳن تبصرن کي باقاعدگي سان هٽايو وڃي.

نوٽيفڪيشن موجب سرونٽس رولز جي رول 22 جو حوالو ڏيندي اسٽبلشمينٽ ڊويزن چيو ته رول سرڪاري ملازمن کي ميڊيا تي يا عوامي سطح تي ڪو به اهڙو بيان يا راءِ ڏيڻ روڪي ٿو جنهن سان حڪومت جي بدنامي جو خطرو هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.