قمبر ، اوٻاوڙو ، ڄامشورو ۽ شھداد ڪوٽ جون خبرون

قمبر : سچوا ۽ سول سوسائٽي پاران ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف مظاهرو

اوٻاوڙو  ۾ رند برادري جي ماڻھن پاران پوليس جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو

اوٻاوڙو ۾ بيواه عورت  پاران معصوم نياڻي سان گڏ ڏيرن خلاف احتجاج

برهماڻي هائوس تي فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي ڄامشوري جو اجلاس

ڊي سي پاران سول اسپتال شھدادڪوٽ جو دورو ،مختلف شعبن جو معائنو

1

قمبر  ۾ سچوا ۽ سول سوسائٽي پاران ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان شهزاد چانڊيو جي بي رحماڻي قتل ۽ قاتل پوليس اهلڪارن جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي  اڳواڻن رياض چانڊيو،الله رکيو چانڊيو،سراج چانڊيو،خالد حسين، عبداللطيف،فرحان علي، سهيل احمد ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ پوليس  اهلڪارن 21 سالن جي نوجوان شهزاد چانڊيو کي بيگناهه قتل ڪيو ، هنن چيو ته نوجوان تي  ڪابه اين سي يا ايف آئي آر داخل نه هوندي به  نوجوان کي گرفتار ڪري کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو  ويو ، هنن وزير اعلي سنڌ ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته شهيد شهزاد چانڊيو جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري انجام تائين پهچايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي،

2

اوٻاوڙو  ۾ رند برادري جي ماڻھن پاران پوليس جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اوٻاوڙو نيشنل پريس ڪلب تي رند برادري جي استاد بهاول خان رند علي گل رند محمد علي رند؛طالب حسين رند جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اوٻاوڙو پوليس جي ايس ايڇ او صدور لاشاري ۽ پوليس اهلڪار نور حسن ڀٽو پوليس اٽالن سان سندس چاچي نظير احمد ولد حضور بخش رند کي هوٽل تي ماني کائيندي گرفتار ڪري ان مٿان چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيج به آهن جتي ان کي گرفتار ڪيو آهي،  هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي معاملي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي انصاف ڏنو وڃي .

3

اوٻاوڙو ۾ بيواه عورت  پاران معصوم نياڻي سان گڏ ڏيرن خلاف احتجاج ڪيو ويو، اوٻاوڙو نيشنل پريس ڪلب تي بيواه عورت مسمات سمينه زال الله رکيو رند پنهنجي معصوم نياڻي صابره سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته منهنجو مڙس الله رکيو رند 2009 ۾ فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ مون کي ڏيرن گهران ڪڍي ڇڏيو جنهن کان پوءِ مان ٻه نياڻين کي پورهيو ڪري پاليو آهي جنهن کان پوءِ منهنجي مڙس جي زرعي زمين تي منهنجي ڏيرن رمضان رند مرتضي رند شوڪت رند عمران رند مختيار رند صابر رند وارن قبضو ڪري ورتو آهي ،هو کيس قتل ڪرڻ چاهين ٿا ، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هوءَ  پنهنجي زرعي زمين تي وئي هئي ته ان مٿان حملو ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هن وزير اعلي سنڌ آئي سنڌ ڊي آئي جي سنڌ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي  ته هن بيواه عورت سنڌ جي نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي  ۽ کيس تحفظ ڏنو وڃي.

4

فنڪشنل ليگ ضلعي ڄامشوري جو اجلاس برهماڻي هائوس تي ضلعي صدر سيد صالح محمد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ٽائون ڄامشورو جي عهديدارن کان ضلعي اڳواڻ غلام نبي بڙدي حلف کڻايو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ضلعي ڄامشوري جي صدر سيد صالح محمد شاهه، فقير حق نواز برھماڻي، ميان خان بليدي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هڪ سازش تحت سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، افغانين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ بدران ٻئي ڪنهن صوبي منتقل ڪيو وڃي، پيپلز پارٽي جي پينو سرڪار عوام کي مهانگائي، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري ڏئي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڄامشورو ضلعي سان تعلق رکي ٿو پر هن ضلعي جي ماڻهن کي بنيادي سهولتون ميسر ناهن، هنن چيو ته علائقي ۾ بدامني خلاف جلد آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو.

5

ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد نبي کوسو سول اسپتال شھدادڪوٽ جو دورو ڪري اسپتال جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو جتي ايڪسري پلانٽ ناڪارا ھئڻ تي نئين ايڪسري پلانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو, ڊپٽي ڪمشنر تعلقه اسپتال جي بند پيل ٽراما سينٽر جو به دورو ڪيو جنهن جي حالت خراب ھئڻ تي چيو ته ٽراما سينٽر جي تعمير ۽ ان ۾ ٿيل گھوٻين بابت نيب ۾ انڪوائري ھلندڙ آھي جنھن ڪري انڪوائري تائين نيب سان سھڪار رھندو,جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر تعلقه اسپتال جي نئين تعمير ٿيل بلڊنگ جو به معائنو ڪيو جتي بلڊنگ جي تعميراتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ۽ پلاننگ سان تعمير نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته بلڊنگ کاتي جي ايڪسيئن ۽ ٺيڪيدار خلاف انڪوائري ڪرائي

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.