گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ آخري مهلت، ڇا به ٿئي ماڻهو آزاد ڪرايو:هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ طرفان گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ  پوليس ۽ ٻين ادارن کي آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي.  عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪجهه به ٿئي گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرايو. شهري مشتاق ڪيس ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته هِي همراهه 7 ورهين کان گم آهي، اڃا تائين خبر ناهي پئجي سگهي ته هُـو پاڻ ويو يا کيس ڪو کڻي ويو. رينجرز پراسيڪيوٽر آگاهي ڏني ته گم ڄاڻايل مشتاق ڪيترن ئي سنگين ڏوهن ۾ ملوث هو، ٿي سگهي ٿو ته پاڻ غائب هجي .عدالت چيو هر ڳالهه پنهنجي جگهه آهي پران کي بازياب ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي .مشتاق جي امڙ عدالت ۾ دانهيو ته سندس پٽ ڏوهاري نه هو، عدالت چيو ته هر ماءُ ائين ئي چوندي آهي. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.