ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري کي خوفناڪ باهه، ٽن ڀائرن سميت 17 پورهيت سڙي ڪوئلو

ڪراچي(رپورٽ: وقار شر ) ڪراچي ۾ بلديه فيڪٽري سانحي بعد هڪ ٻيو وڏو واقعو، بيگ ٺاهيندڙ فيڪٽري کي خوفناڪ باهه، ٽن ڀائرن سميت 17 پورهيت سڙڻ ۽ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت، 3 رضاڪار ريسڪيو آپريشن دوران بيهوش ٿي ويا، فيڪٽري ۾ ڦاٿل پورهيتن جا وارث پنهنجي پيارن کي بچائڻ لاءِ فيڪٽري ٻاهران رڙيون ڪندا رهيا، فائربرگيڊ عملو به دير سان پهتو،  بچي ويل مزدور پنهنجي دوستن کي سڙندو ڏسي بيحال ٿي ويا، قيامت جهڙا منظر، ڪالهه صبح جو 10 وڳي ڌاري ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ بيگ ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي اٿي، جنهن ڏسندس ئي ڏسندي سڄي فيڪٽري کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. فيڪٽري ۾ 25 کان وڌيڪ مزدور ڪم ڪري رهيا هئا. باهه لڳڻ جو اطلاع فائربرگيڊ کي ڏنو ويو پر فائربرگيڊ دير سان پهتيون، ان وقت تائين باهه تيزي سان سڄي فيڪٽري کي وڪوڙي چڪي هئي. 13 فائرٽينڊرز ۽ هڪ اسنارڪل ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو، نيوي ۽ رينجرز جون ٽيمون به پهتيون، ونگ ڪمانڊر، ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍو ۽ ايس ايس پي ڪورنگي شاهجهان واقعي واري هنڌ تي موجود هئا، ڪمشنر نويد شيخ به پهچي ريسڪيو آپريشن جو جائزو ورتو، واٽرهائيڊرينٽس تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، 5 ڪلاڪن جي جدوجهد بعد باهه تي ضابطو آندو ويو، جنهن کانپوءِ ڪرين جي مدد سان فيڪٽري جي ٻئين ۽ ٽيئن فلور جي ديوارن کي ٽوڙيو ويو، ڇاڪاڻ ته عمارت ۾ دونهون ڀريل هو، ان صورتحال ۾ فيڪٽري ۾ داخل ٿيڻ ممڪن ئي نه هو. باهه تي ضابطو آڻڻ بعد 17 پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا، جن ۾ 3 سڳا ڀائر به آهن. فوتين ۾ 22 ورهين جو عثمان ولد نعمت خان، 18 ورهين جو حسن ولد سليم، 25 ورهين جو علي ولد محمد منير، 28 ورهين جو فرمان ولد محمد سليم، 22 ورهين جو زاهد خان ولد الهڏنو، 22 ورهين جو محمد عثمان ولد امداد حسين، 41 ورهين جو راشد ولد نثار حسين، 22 ورهين جو سيد جواد علي ولد محمد حسين، 20 ورهين جو شعيب ولد خليل، 22 ورهين جو محمد ڪاشف ولد ذوالفقار، 37 ورهين جو محمد شبير ولد اسلام الدين، 30 ورهين جو رحمان ولد ظهير احمد، 40 ورهين جو رضوان ولد اعجاز احمد ۽ ٻيا شامل آهن. فوتين ۾ 3 سڳا ڀائر فرمان، عرفان ۽ فرحان به شامل آهن. باهه وسائڻ دوران 3 رضاڪار به زخمي ٿيا. جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. بچي ويل مزدورن ٻڌايو ته اسان گرائونڊ فلور تي ڪم ڪري رهيا هئاسين، اسٽور روم وٽ باهه لڳي، اسان پهرين پاڻ باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باهه تيزي سان پکڙجندي وئي، جنهن بعد فائربرگيڊ کي اطلاع ڏنو ويو پر فائربرگيڊ عملو به دير سان پهتو. هنن چيو ته مٿين فلورن تي جيڪي مزدور هئا، انهن مان ڪو به نه بچي سگھيو، ڇاڪاڻ ته فيڪٽري کي صرف هڪڙو دروازو هو، ايمرجنسي ۾ نڪرڻ لاءِ ڪو به دروازو ناهي، ڇت تي ويندڙ دروازي کي به تالو لڳل هو. هنن چيو ته اسان جا دوست مٿين فلور تان رڙيون ڪري رهيا هئا، اسان انهن کي نه بچائي سگھياسين، اسان جي اڳيان سڙي ويا. هنن چيو ته مٿين فلور تي جيڪي دريون هيون، انهن کي به لوهي ڄارين سان بند ڪيو ويو، دريون لوهي ڄارين سان بند نه هجن ها ته مزدور ٽپ ڏئي پنهنجي جان بچائي سگھن ها. فائربرگيڊ عملي موجب رستو نه هجڻ ڪري ڪرين ذريعي ديوارون ٽوڙيون ويون، باهه لڳڻ جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.