وفاقي حڪومت جو فيصلو سنڌ تي نئين ڪاهه آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي. مرڪزي سينير نائب صدر عبدالقادر رانٽو. مرڪزي  جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار. مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ پنهنجي گڏيل پريس ۾ چيو آهي ته آمريڪا جي مفادن لاءِ سالن جا سال افغانستان ۾ خونريزي ڪندڙ ۽ افغانستان ۾ تباهي ڦهلائيندڙ آمريڪي ايجنٽن کي آمريڪا جي حڪمن تحت ڪراچي ۾ رهائڻ وارو پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت جو فيصلو دراصل سنڌ تي ڌارين جي نئين ڪاهه آهي. جنهن صورت ۾ ترڪي سميت ٻين يورپي ملڪن آمريڪا کي افغاني پناهگير رهائڻ کان کتو جواب ڏنو آهي. ان سان گڏ لاهور به افغانين کي رهائڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ اسلام آباد به رش جو بهانو ڪري اسلام آباد ۾ پناهگيرن جو تعداد گهٽائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. لکين پناهگيرن کي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ رهائي پيو جڏهن ته سنڌ هڪ به پرڏيهي کي رهائڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. سنڌ جي معيشت ڪمزور آهي. سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بي روزگاري سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. پيپلز پارٽي بجيٽ جي کوٽ جو بهانو ڪري سنڌ جي تعليمي ادارن جون فيون وڌائي غريب مسڪين شاگردن جو رت چوسي آمريڪي ملازم پالي رهي آهي. اسين زرداري ٽولي کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌي عوام سنڌ تي ڌارين جو قبضو برداشت نه ڪندو. سنڌي عوام ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڌاري آبادڪاري ڪرائيندڙ سنڌ جي غدار وڏيرن خلاف پرامن جمهوري جدوجهد ڪندو. اڳواڻن چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ زرداري ٽولي جي اهڙن امن دشمن. انسان دشمن ۽ ملڪ دشمن فيصلن جي ئي نتيجي ۾ پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ دهشتگردي عروج تي پهچي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.