ڪابل ايئرپورٽ ڌماڪي جي فوتين جو انگ 100 ٿي ويو، 13 آمريڪي مارجڻ جي تصديق

ڪابل (م ڊ) ڪابل ايئرپورٽ جي ٻاهران هڪ ٻئي پٺيان  ٿيندڙ ڌماڪن ۾ فوتين جو انگ 100 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 150 زخمي ٿي پيا آهن.  مارجي ويلن ۾ 13 آمريڪي فوجي به شامل آهن. ڌماڪن جي ذميواري پابندي مڙهيل داعش خراسان قبول ڪري ورتي آهي.پهريون ڌماڪو ايئرپورٽ جي ٻاهر بيرن هوٽل جي سامهون ٿيو. ڌماڪي جي آواز پري پري تائين ٻڌي وئي. سيڪيورٽي اهلڪار حالتون سنڀالڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ هئا ته ڪابل ايئرپورٽ جي ٻاهران هڪ ٻئي پٺيان 3 ڌماڪا ٿيا جنهن ۾ افغانستان مان ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ شهري نشانو بڻجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب پهريون ڌماڪو ايئرپورٽ جي ٻاهران بيرن هوٽل جي سامهون ٿيو. ڪجهه دير کان پوءِ ايئرپورٽ جي گيٽ تي ٻيون ڌماڪو ٿيو جتي ماڻهن جو وڏو ميڙ جمع هو. واقعي واري هنڌ هانءُ ڏاريندڙ منظر هئا. ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمين ۽ فوتين کي اتان کان ڪڍيو.هوڏانهن طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جنهن هنڌ تي ڌماڪو ٿيو اتي سيڪيورٽي جي ذميواري آمريڪي فورسز جي هئي.  هن چيو ته طالبان پنهنجي ماڻهن جي سيڪيورٽي تي ڌيان ڏئي رهيا آهن ۽ شر پسندن کي پوري طاقت سان منهن ڏنو ويندو. افغان نيوز ايجنسي موجب دهشتتگرد تنظيم داعش خراسان حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.پينٽاگون ڪابل ڌماڪن ۾ 13 آمريڪي فوجين جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي. يو ايس ڪمانڊر سينٽرل ڪمانڊ جنرل مڪينزي چيو آهي ته داعش جا حملا جاري رهڻ جو امڪان آهي. هڪ هزار فوجي اڃان به افغانستان ۾ موجود آهن کين ڪڍڻ جو عمل جاري رکنداسين. برطانيه  ڌماڪن کان پوءِ به فوجين کي ڪڍڻ جو عمل جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته فرانسيسي صدر چيو آهي ته 20 بسن تي سوار فرانسيسي ۽ افغان شهري کي ايئرپورٽ تائين پهچائڻ لاءِ طالبان سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن.فرانس جو آخري جهاز 27 آگسٽ تي ڪابل ايئرپورٽ کان روانو ٿيندو. جرمن چانسلر چيو آهي ته جيڪي ماڻهو ڪابل ۾ رهجي ويا آهن انهن کي وساريو نه آهي انهن کي ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن ۽ طالبان سان به ڳالهيون جاري آهن.هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته غير مستحڪم افغانستان ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي. گڏيل قومن کي هر صورت ۾ امن کي ممڪن بنائڻو  پوندو. جڏهن ته طالبان ڌماڪن جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، طالبان ترجمان موجب واقعي جي جاچ لاءِ خصوصي ٽيم جوڙي وئي آهي ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪابل ايئرپورٽ تي ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ڪابل ايئرپورٽ تي ڌماڪن ۾ پرڏيهين سميت درجنين افغان شهرين کي زندگي کان محروم ڪرڻ انسانيت تي حملو آهي، ڪابل ۾ عورتن ۽ ٻارن کي به ڌماڪن ۾ نشانو بنائي دهشتگردن هر حد پار ڪري ڇڏي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غير مستحڪم افعانستان ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي. گڏيل قومن کي پر امن حل هر صورت ۾ ممڪن بنائڻو پوندو ۽ افغانستان ۾ دهشتگردن جو نئون سامهون ايندڙ گروپ سموري دنيا ۾ امن جي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.