ڪورونا وبا، سنڌ پوليس ٽريننگ سينٽر بند ڪري ڇڏيو

ڪراچي(م ڊ )ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي سنڌ پوليس به پنهنجا ٽريننگ اسڪول بند ڪري ڇڏيا.ڪورونا وبا دنيا  ۾ پريشان  جو سبب بڻيل آهي، ڪورونا جي چوٿين لهر سبب هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ ڪيس وڌي رهيا آهن، جنهن سبب حڪومت به سخت فيصلا ڪري چڪي آهي ان حوالي سان سنڌ پوليس اهم فيصلو ڪندي صوبي جا سمورا ٽريننگ اسڪول بند ڪري ڇڏيا آهن  ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جي حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انگ اکر ٻڌايا آهن ته صوبي ۾ 1217 ڪورونا جا نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جن مان 596 جو تعلق ڪراچي سان آهي واضح رهي ته سنڌ حڪومت طران ٻارن جا اسڪول به 31 آگسٽ تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيل آهي ان حوالي سان اڄ اعلان ڪيو ويو آهي ته اسڪول 31 آگسٽ کانپوءِ شرطن جي بنياد تي کوليا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.