ڪورونا ويڪسين ۽ ايس او پيز لاءِ سنڌ ۾ نوان قانون، گهرو کاتي جو نوٽيفڪيشن

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي لاءِ ويڪسين لڳائڻ جي حوالي سان گهري کاتي حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

ڪورونا ايس او پيز ۽ ويڪسينيشن جي حوالي سان گهرو کاتي طرفان نوان حڪم جاري ڪيا ويا آهن

سنڌ جي گهرو کاتي بس اسٽينڊ، مسافر خانن، شاپند مال ۾ ايندڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ لاءِ تاريخ ڏئي ڇڏي آهي.

گهرو کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ حڪم ڏنا ويا آهن ته هوائي سفر ڪندڙ مسافر، شاپنگ ڪندڙ، هوٽل ريسٽورينٽن ۽ شادي هالن ۾ ويندڙ شهري، تعليمي ادارن جاايڊمنسٽريٽر اسٽاف ۽ استاد 30 سيپٽمبر تائين ويڪسين لڳرائين.

ان سان گڏ ريلوي اسٽاف پبلڪ ٽرانسپورٽ، سرڪاري ۽ نجي ادارن ۽ 17 سالن جي عمر جي شاگردن کي 15 آڪٽوبر تائين ويڪسين لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

بين الصوبائي ٽرانسپورٽ ۽ نيشنل هاءِ وي تي سفر ڪندڙن کي 31 آڪٽوبر تائين ويڪسين ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته سمورن ڄاڻايل ادارن ۾ ويڪسين جي حوالي سان چيڪنگ به ڪئي ويندي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته مختلف ادارن جي انتظاميا سميت ضلعي انتظاميا ويڪسين ڪرڻ جي مقرر تاريخن ۾ ويڪسينشن سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪندي.

اين سي او سي جي هدايت تي گهرو کاتي سمورن ادارن ۾ ويڪسين لازمي قرار ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.