ڏهرڪي: جهيڙي دوران مارجي ويل ناري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران مظاهرو

ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ دودو ڏهر ۾ زمين جي مالڪي تان ڏهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب مارجي ويل عورت مائي حميدان ڏهر جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي مقتول عورت جي پٽ محبت علي ڏهر سندس ڌي مائي اربيلي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٻه هفتا اڳ زمين جي مالڪي تان سندن ئي برادري جي حق نواز ڏهر، نديم ڏهر، عبدالحق ڏهر، نويد ڏهر سميت 20 کان مٿي هٿياربندن گهر تي حملو ڪري گوليون هڻي سندن ماءَ مائي حميدان کي قتل ڪيو هو جنهن جو ڪيس داخل آهي  پر جوابدار بااثر آهن کين ڏهرڪي پوليس گرفتار نه ٿي ڪري ، هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس،  آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته قتل ڪيس ۾ نامزه جوبدارن کي تحفظ فراهم ڪندڙ ڏهرڪي پوليس جي زيادتين جو نوٽس وٺي انصاف ڏنو وڃي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.