دهشتگردي ۽ سي پيڪ بابت چين جا خدشا ختم ڪيا وڃن: بلاول

 

ٺٽو(ويب ڊيسڪ)پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه پيو ٿئي، سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ضروري آهي.

ٺٽي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀُٽو زرداري چيو ته دهشتگردي ۽ سي پيڪ بابت چين جا خدشا ختم ڪيا وڃن.

بلاول حڪومت کان نيشن ايڪشن پلان تي مڪمل طور عمل ڪرڻ جو مطالبوڪندي چيو ته ڪنهن کي به پاڪستان جي سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين.

حڪومتي ڪارڪردگي جي حوالي سان پيپلزپارٽي چيئرمين جو چوڻ هو ته حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي تاريخي غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي آهي.

بلاول ڀُٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، نوڪريون ڏيڻ جي بدران ٽن سالن ۾ سنڌ جي ماڻهن کان نوڪريون کسيون ويون، 50 لک گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو پر غريب کان جهُڳو کسيو ويو.

سندس چوڻ هو ته حڪومت ٽن سالن سواءِ مهانگائي جي ٻيو ڪجهه نه ڪيو آهي، عمران خان جيڪي واعدا ڪيا سڀ ڪنهن انهن جي ابتڙ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.