نوابشاھ ، ڏھرڪي ، ڪنڌڪوٽ ، رتوديرو ۽ کھڙا جون خبرون

نوابشاھ: جمالي ۽ گلشن ڀٽائي ڪالوني واسين  پاران گٽرن جي صفائي نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڏهرڪي : امن امان سميت علائقي جي مسئلن جي حل لاءِ ايس يو پي جي ريلي

ڪنڌڪوٽ: تعليمي ادارن جي بندش خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ريلي

رتوديرو: روھڙي ڀرسان پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگري جي بازيابي لاءِ مظاهرو

کهڙا:  مخدوم شھيد عبدالرحمان هاشمي جي عرس جون تقريبون پڄاڻي تي پهتيون

1

نوابشاھ جي علائقي جمالي ڪالوني ۽ گلشن ڀٽائي ڪالوني جي رهواسين  پاران علائقي ۾ گذريل ستن مھينن کان گٽرن جي صفائي نه ٿيڻ خلاف ميونسپل ڪميٽي آفيس آڏو نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ معيز جمالي، مصور آگرو، وقار ملاح، عبدالستار آگرو، فرمان ملاح، فرحان کوسو، فراز عباسي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ستن مھينن کان گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل آهي جنھن جي ڪري عورتون، پيرسن توڙي ٻار ڪنھن ڪم لاءِ گھران ٻاھر نٿا نڪري سگھن ، ھنن چيو ته گٽرن مٿان ڍڪڻ به نه آھن جنھن جي ڪري معصوم ٻار گٽرن ۾ ڪرڻ جا واقعا روز ٿيندا رھن ٿا ، هنن مطالبو ڪيو ته  اسان جي علائقي جي فوري طور تي صفائي ڪرائي گٽرن مٿان ڍڪڻ ڏنا وڃن ٻي صورت۾ ميونسپل ڪميٽي آفيس جو گھراء ڪيو ويندو.

2

ڏهرڪي ۾ امن امان،  روڊ رستن جي تعمير،  اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ ماڙي گيس ڪمپني کان ساڍا ٽي ارب ضلعي تي خرچ ڪرڻ لاء ايس يو پي جي اڳواڻ حاتن شر ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم ميان شفيق احمد جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان ڊان چوڪ تائين ريلي ڪڍي ويئي،  جتي ريلي کي خطاب ڪندي حاتن شر ميان شفيق احمد مکي راجڪمار مکي يڌشٽر لال لطف ميان شر رضا محمد مهر ۽ ٻين چيو ته ڏهرڪي جي امن امان جي صورتحال خراب آهي،  ايس ايس پي امن امان ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي،  هنن چيو ته ڏهرڪي جا روڊ رستا ۽ ڊرينيج تباه ٿيل آهن، ماڙي پيٽروليم کان ضلعي گهوٽڪي لاء مليل ساڍا ٽن ارب رپين مان ڏهرڪي کي گمس جهڙي بهترين اسپتال ڏني وڃي  ،هنن چتاءُ ڏنو ته مسئلن جي حل تائين انهن جو احتجاج جاري رهندو .

3

ڪنڌ ڪوٽ ۾تعليمي  ادارن جي بندش خلاف  جيئي سنڌقومي محاذ (جساف) طرفان جسقم آفيس کان  وٺي پريس ڪلب تائين جساف جي مرڪزي اڳواڻ اشرف ڪلهوڙو والي ڏنوسنڌي حفيظ منگسي اعجازملڪ سجادلاشاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن  ميڊيا سان  ڳالهائيندي چيو ته    ٽنھي صوبن ۾ تعليمي ادارا کُلي ويا آهن پر سنڌ ۾ ھر روز تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو  وقت وڌايو وڃي ٿو،  سنڌ جي تعليمي ماحول کي خراب ڪري سنڌ جي غريب مسڪينن جي ٻارن کي علم جي زيور کان محروم رکڻ جي سازش ٿي رھي آهي ، هنن چيو ته هاڻي سنڌ جو شعور جاڳي پيو آهي ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ ھڪ ھي مطالبو آهي ته تعليمي ادارا کوليا وڃن ، هنن چتاءُ ڏنو ته  30 اگست تائين تعليمي ادارا نه کوليا ويا ته سنڌ جي  ھر سياسي سماجي تنظيمن سان گڏجي وزيراعليٰ هائوس  آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

4

رتوديرو ۾ ھندو برادري ۽ سماجي ڪارڪنن پاران روھڙي ڀرسان سنگرار واري علائقي مان 10 محرم الحرام تي سبيل ھلائڻ دؤران پراسرار نموني گم ٿي ويل 7 ورھين جي معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاھري جي اڳواڻي مکي اشوڪ ڪمار، شنڪر لعل، خالد حسين اوڍو، سنديپ ڪمار، شاھد حسين جروار، ساجد سيانچ، خليل الرحمٰن جوڻيجو، وقار جاگيراڻي ۽ ٻين ڪئي، اڳواڻن مظاھري کي خطاب ڪندي چيو ته  10 محرم الحرام تي سبيل ھلائڻ دؤران نينگري پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو آھي جنهن جو ھفتو گذرڻ بعد به پتو نه پئجي سگهيو آهي ، ۽ پوليس طرفان به نينگري کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪي جوڳا قدم ناھن کنيا ويا، ھنن وڌيڪ چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن نينگريءَ کي جلد بازياب نه ڪيو ويو ته  احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

5

کهڙا ۾ مشھور بزرگ مخدوم شھيد عبدالرحمان هاشمي جي سالياني ٻن ڏينهن واري عرس  جون تقريبون پڄاڻي تي پهتيون ،سنڌ سميت ملڪ جي خوشحالي. ترقي. حفاظت لاء دعائون گهريون ويون. عرس جي آخري ڏينهن تي سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ ادبي ڪانفرنس. سگهڙن جي ڪچهري ۽ محفل مشاعرو ڪوٺايو ويو،  جنهن ۾ ڪمشنر سکر، لاڙڪاڻو شفيق احمد مهيسر. درگاه جي سجاده نشين مخدوم نديم احمد هاشمي. ناليواري اديب نواز علي شوق. تاج سروهي. لعل بخش منگي. سيد اڪبر شاه خاص مهمانن طور شرڪت ڪري شھيد مخدوم عبدالرحمان هاشمي جي عظيم قرباني. زندگي. علمي ۽ ديني خدمات تي روشني وڌي ، ادبي ڪانفرنس. سگهڙن جي ڪچهري ۽ مشاعري ۾ شاعرن. اديبن. سگهڙن پنهنجين لکڻين ذريعي شھيد مخدوم عبدالرحمان هاشمي کي ڀيٽا پيش ڪئي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.