رڪشه ڊرائيور ۽ سندس ساٿين جي عورت سان اجتماعي لڄالٽ

ملڪ ۾ روز جي بنياد تي ٻارن ۽ عورتن سان لڄالٽ جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن جڏهن ته عورت کي هراسان ڪرڻ جا واقعا به پيش اچي رهيا آهن.

اڄ وري هڪ  ٻئي رڪشه ڊرائيور ساٿين سان گڏجي مبينا طور تي عورت کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو آهي.

لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو ۾ هڪ ٻئي رڪشه ڊرائيور ساٿين سان گڏجي گن پوائنٽ تي عورت کي مبينا طور لڄالٽ جو نشانو بڻايو.

متاثر عورت جو چوڻ آهي ته جوابدار نوڪريءَ جو آسرو ڏئي گھرايو، جوابدار رڪشي ۾ ويهاري ناچ گھر گرائونڊ کڻي ويو جتي هن جا ساٿي اڳ ئي موجود هئا، گرائونڊ ۾ موجود هڪ جوابدار ٻارڙي کسي ان کي يرغمال بڻايو.

عورت چيو ته جوابدار ٻن سالن جي ٻارڙيءَ تي پسٽل رکي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو.

ڳڙهي شاهو پوليس متاثر عورت جي درخواست تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.