وارهه ۾بدامني، دڪان تي ڪاهه، نوجوان تي تشدد، ڦرلٽ، احتجاج

وارھه ( رپورٽ : بشير ميرجت) وارھ ۾ بدامني وڌي وئي ڦرون ۽ موٽر سائيڪلون چوريون معمول بڻيل, صحافي جي دڪان تي نامعلوم هٿياربندن جي ڪاھ سندس پٽ مٿان تشدد ڪري روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڦورو با آساني فرار خبر موجب وارھہ وچ  شھر جي عيد محمد مارڪيٽ مان صحافي شفيق عباسي جي دڪان تي ٽن  نامعلوم هٿياربندن ڪاھ ڪري سندس پٽ تبريز عباسي کي يرغمال بڻائي کيس تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد  کانئس روڪ رقم  ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا واقعي جي خبر بعد شهر اندر بي چيني پکڙجي وئي. صحافي شفيق عباسي ڊي آء جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري ايس ايڇ او وارھ نثار عالم ابڙو سٽي گشت انچارج آصف چانڊيو کي فوري طور هٽائي انصاف ڏياريو وڃي، ٻئي طرف صحافي برادري ۾ تاء پکيڙجي ويو آھي وارھہ پريس ڪلب جي صدر نزير ڇٽو، جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو،ذوالفقار چانڊيو، مظفر قاضي، بشير ميرجت، نياز حيدري، سڪندر تونيو هوشو راجا کهاوڙ اصغر ميراسي ظهور چانڊيو فياض چانڊيو احمد علي چانڊيو گلشن کٽياڻ ۽ ٻين چيو ته صحافي جي دڪان مٿان ڪاھ ٽارگيٽ سمجهون ٿا هنن گهر ڪئي ته جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.