اوٻاوڙو لڳ پوليس ڪارروائي، ٻه منشيات فروش گرفتار

اوٻاوڙو ( ن ع آ ) اوٻاوڙو لڳ چوڪ ماڙي ۾ قومي شاھرا تي ڪيبنن تي سري عام منشيات وڪرو ٿيڻ جي شڪايتن جو ايس ايس پي  گھوٽڪي عمر طفل نوٽس وٺندي ايس ايڇ او کي ڪاروائي جو حڪم ڏنو اھڙي حڪم تي ايس ايڇ او اوٻاوڙو سدورو لاشاري ۽ وڏي منشي غلام محمد لغاري پوليس جي نفري سان ڪري منشيات ھلڻ واري علائقي ۾ وڏو آپريشن ڪندي ٻن منشيات فروشن مير رند ۽ نظير رند کي گرفتار ڪري ٻنھي جوابدارن کان 8 ڪلو اعليٰ ڪوالٽي جي چرس ھٿ ڪري ورتي پوليس ٻنھي جوابدارن تي 9c منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.