ڪنڊيارو لڳ موٽر سائيڪل ڦر، دانهون، ڏوهاري سوگهو

ڪنڊيارو ( ن ع آ ) ڪنڊيارو ڀرسان بکري ٿاڻي جي حد ڪچي جي علائقي ۾ نامعلوم ٽي هٿياربند ڦورو محبت ديرو ويندڙ ڳوٺاڻي ممتاز ڊکڻ کان  موٽرسائيڪل ڦر ڪري ويا، جنهن بعد متاثر موٽرسائيڪل ڌڻي پاران ستت ئي دانھون ڪرڻ تي مقامي ڳوٺاڻا نڪري آيا، جن همٿ ڪري مبينا ھڪ ڦورو  کي سوگھو ڪري ورتو،سوگهي ڪيل ڦورو کي حد جي پوليس حوالي ڪيو ويو. ٿاڻي تي مبينا ڦورو جي سڃاڻپ هالاڻي ڀرسان ڳوٺ مريد سولنگي جي رهواسي امان الله عرف مينو سولنگي طور ٿي. جڏھن ته ساڻس گڏ ڦر ڪندڙ ٻه ڦورو موٽرسائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.