خانپور مهر واسي ٻن ڏينهن کان گم، وارث پريشان

خانپورمهر  ( ن ع آ ) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ علي مهر واسي لاپتا ٿيل نوجوان مٺل مهر جو ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي  سگهيو تنهن ڪري سندس وارث انتهائي پريشان آهن جڏهن ته سندس گهر ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي.. پراسرار نموني لاپتا ٿيل نوجوان مٺل مهر جي ڳولا لاءِ سندس وارث ٿڪجي پيا آهن پر سندس ڪٿان به ڪو سوراغ ناهي مليو هوڏانهن گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي گمشدگي جي رپورٽ پڻ داخل ٿيل آهي پر گهوٽڪي پوليس به نوجوان کي ڳولهي ناهي سگهي نوجوان مٺل مهر جا فون نمبر به بند آهن, هوڏانهن گم ٿيل نوجوان جي وارثن موجب ته نوجوان گهران سامان وٺڻ لاءِ گهوٽڪي ويو ته واپس نه ٿيو جنهن جي موبائل جي آخري لوڪيشن سرحد شهر ۾ ملي آهي ان کانپوءِ سندس ڪوئي پتو ناهي..  نوجوان جي وارثن پوليس جي اعلي اختيارين کان نوجوان مٺل مهر جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.