پوليس اهلڪارن هٿان بيگناهه ماڻهن کي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ وارو هاڃو!

اداريو

رپورٽون آهن ته ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي صنعتي ايريا ۾ ٽين رات پوليس جڙتو مقابلي ۾ گارمينٽس ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت کي ماري ڇڏيو آهي. جنهن نتيجي ۾ ردعمل طور تي پورهيت شهزاد چانڊيو جي وارثن پريس ڪلب ڪراچي آڏو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو ڏنو. پوليس جي مبينه جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان پورهيت جي وارثن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي، جعلي مقابلي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي رپورٽون آهن ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پاران واقعي جو نوٽيس وٺندي حد جي ايس ايڇ او سميت سڀني ملوث پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ 48 ڪلاڪن اندر انڪوائري مڪمل ڪري رپورٽ پڌري ڪئي ويندي.

ايڊيشنل آءِ جي پاران واقعي جو جيڪو نوٽيس ورتو ويو آهي ۽ نوجوان پورهيت کي مارڻ ۾ ملوث اهلڪارن کي معطل ڪرڻ کي اسان وقتائتو ۽ انتهائي هاڪارو عمل سمجهون ٿا. پر بدقسمتي اها آهي ته اسان وٽ اهڙن واقعن جي جاچ کانپوءِ به انهن جي روڪٿام ٿيندي نظر نٿي اچي جنهن جو ممڪن آهي ته اهو سبب به هجي ته ذميوار ڌريون ٻرندڙ اشو کي ترت دٻائڻ لاءِ روايتي ڪارروائي ڄاڻائي معاملي کي ٽاري ڇڏين ٿيون پر آئيندي اهڙا واقعا نه ٿيڻ جو ڪو ٺوس ۽ اطمينان جوڳو انتظام نٿيون ڪن. اهو انتهائي افسوس ۽ اذيت جوڳو رويو آهي.

اسان جو خيال آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اها ڳالهه چڱيءَ ريت سمجهڻ گهرجي ته سندن بنيادي فرض عوام جي جان، مال ۽ عزت کي محفوظ ڪرڻ آهي نه ڪي کسڻ. سو ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار ڪنهن مٿان به بي گناهه يا شڪ ۾ گولي نه هلائي سگهن. اها ئي پيشوراڻي صلاحيت ۽ مهارت هوندي آهي ۽ ان لاءِ پوليس اهلڪارن کي تربيتي ڪورس ڪرائڻ گهرجن ته جيئن اهي اصل ڏوهارين کي سڃاڻي سگهن ۽ ڪنهن به بيگناهه ماڻهوءَ جي حياتي نه کسي سگهن. ڇاڪاڻ ته ماڻهوءَ جي حياتي ئي سڀ ڪجهه آهي جنهن جي حفاظت لاءِ پوليس ادارا قائم ڪيا ويا آهن.

جيڪڏهن ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪندڙ اهلڪار ئي عام ۽ بي گناهه ماڻهن کي مارڻ جو سبب بڻجن ته اها سندن مڪمل طور تي نااهلي چئبي. ماڻهوءَ جي حياتي به رڳو فرد واحد جي ناهي ٿيندي ان سان الائي ڪيترا رت جا رشتا خاندان ۽ معاشي چلهون سلهاڙيل هونديون آهن. ڪنهن به ماڻهوءَ جو بيگناهه ۽ خاص ڪري اهلڪارن هٿان مارجي وڃڻ کان ڪا وڏي بدقسمتي ۽ ظلم ڪو ٿي نٿو سگهي پر الميو اهو آهي ته اسان وٽ پوليس اهلڪارن کي هٿيار ڏجي ٿو ته اهي سمجهن ٿا ته کين ماڻهو مارڻ جو ڪو لائسنس ملي ويو آهي. اهو رويو ۽ اهو تاثر ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيستائين اهو لاڙو ۽ اهو تاثر ختم نه ڪيو ويندو تيستائين شهزاد چانڊيي جهڙا نوجوان ۽ بيگناهه انسان ماضي وانگر، ائين ئي آئيندي به ماريا ويندا.

پورهيت شهزادي چانڊيي بابت وارثن ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته هي نوجوان ڪورنگي چمڙا چورنگي ويجهو هڪ گارمينٽس ڪمپني ۾ ملازمت ڪندو هو، پرڻيل هو ۽ اڍائي سالن جي پٽ جي اولاد هيس. اهو پورهيت ڊيوٽي ڪري پنهنجي دوست سان موٽر سائيڪل تي اچي رهيو هو ته مهراڻ ٽائون پوليس کيس روڪي تلاشي ورتي جنهن مان کين ڪجهه نه مليو. نوجوان اها موٽر سائيڪل قسطن تي ورتي هئي، شهزاد، گاڏي جا ڪاغذ کڻڻ لاءِ دوست کي گهر موڪليو، جيستائين هو واپس وريو ته جاءِ واردات تي موٽر سائيڪل ته موجود هئي. پر نه اتي پوليس هئي ۽ نه ئي نوجوان پورهيت. وارثن جو چوڻ آهي ته اسان پريشاني جي عالم ۾ کيس گولهي ئي رهيا هياسين ته ڪجهه دير کانپوءِ ٽي وي چينلن تي اها قيامت جهڙي خبر ملي ته کيس پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي.

ان قصي کي بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته جڏهن نوجوان کي جيئري پوليس سوگهو ڪيو آهي، پنهنجي تحويل ۾ وٺي چُڪي آهي ته پوءِ ان کي مارڻ جو بظاهر ڪو جواز نه هو ۽ هاڻي جڏهن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچيءَ، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي معطل ڪيو آهي ته اهو ثبوت ئي آهي ته پوليس اهلڪارن ئي زيادتي ڪئي آهي ۽ هڪ بيگناهه پورهيت نوجوان کي ماريو ويو آهي.

اهو به ممڪن آهي ته ان واقعي جون ٻيون به ڪي حقيقتون ظاهر ٿين ۽ اهي يقيني طور تي جاچ رپورٽ مان ئي ظاهر ٿينديون پر ائين ناهي ته ڪو پوليس زيادتي جو يا ڪنهن کي بيگناهه جي مرڻ جو هي پهريون واقعو آهي، ڏينهن هجي يا رات هزارين بيگناهه ماڻهو ايئن ئي اهلڪارن هٿان هر دور ۾ ماريا ويا آهن. عام واقعا به ٿيا آهن ته مير مرتضيٰ ڀٽو جهڙا هاءِ پروفائيل واقعا به ٿيا آهن نه رڳو پوليس پر رينجرز هٿان به ٿيندا رهيا آهن.

ضرورت هاڻي ان ڳالهه جي آهي ته پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کان بيگناهه ماڻهن کي مارڻ وارو لائسنس کسيو وڃي ۽ اهو هڪ سوچ سان کسيو وڃي، اهلڪارن کي درست نموني تربيتي ڪورس ڪرائڻ سان کسيو وڃي. ٻيو ته واقعن جي جاچ رپورٽن جي روشني ۾ اصلاح ڪرڻ جي به ضرورت آهي، ان پاسي ڏسڻ ۽ سوچڻ جي ضرورت آهي. جيستائين جاچ رپورٽن جي روشني ۾ اصلاح نه ٿيندي تيستائين جاچ رپورٽن جو ڪو کڙ تيل نٿو نڪري سگهي، ان سان بس فارمولٽي ئي پوري ڪري سگهجي ٿي ۽ بس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.